اسلام آبادپاڪستان

بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ 3 يا 4 اپريل تي ٿيندي،ڪنهن کي نه روڪبو:شيخ رشيد

اسلام آباد :وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ 3 يا 4 اپريل تي ٿيندي. اپوزيشن ميمبرن جي مڪمل حفاظت ڪنداسين، ڪنهن کي نه روڪيو ويندو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته هيءَ اپوزيشن بيوقوف آهي، هن عمران خان کي مقبوليت ڏياري ڇڏي. شهر جي هوا عمران خان جي حق ۾ ٿي وئي آهي ۽ بي اعتمادي جي معاملي تي عمران خان ئي کٽيندو. بي اعتمادي واري ڏينهن اپوزيشن ميمبرن جي مڪمل حفاظت ڪنداسين، ڪنهن کي نه روڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته اسلام آباد ۾ سڀني کي جلسي جي اجازت آهي پر سڀ ڪن کولي ٻڌي ڇڏين ته ڪنهن کي قانون هٿ ۾ کڻڻ نه ڏينداسين، جيڪو به قانون هٿ ۾ کڻندو، قانون ان ۾ هٿ وجهندو. هڪ سوال جي جواب ۾ شيخ رشيد چيو ته مون عمران خان کي صلاح ڏني آهي ته اسان کي غريب دوست بجيٽ پيش ڪرڻ گهرجي ۽ وقت کان اڳ چونڊن ڏانهن وڃڻ گهرجي. وفاقي گهرو وزير چيو ته بي اعتمادي واري ڏينهن ڪو ملڪ دشمن به شرارت ڪري سگهي ٿو، اسان کي ڀرپور ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته سياسي طور تي ميئچور هجڻ جو ثبوت ڏيون، جيڪڏهن ٽڪراءُ ٿيندو ته ان جي رپورٽ اسان سپريم ڪورٽ کي ڪري ڇڏي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ شيخ رشيد چيو ته بي اعتمادي گذرڻ کانپوءِ ٻڌائيندس ته ملڪ دشمن عنصرن او آءِ سي ڪانفرنس کي ڪيئن نقصان پهچائڻ چاهيو. هن چيو ته جلسو ڪرڻ جي سڀني کي اجازت آهي، ڌرڻي جي ڪنهن کي به اجازت ناهي، جيڪو ڌرڻو هڻندو ان کي پڪڙيو ويندو. اندازو ٿي رهيو آهي ته هنن جون ڄنگهيون ڏڪي رهيون آهن، اپوزيشن ڪا به غلطي ڪئي ته پوءِ هنن کي ڀوڳڻو به پوندو. سمورا رستا ڪليئر رکنداسين ڪنهن لاءِ به رستو بند ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين.هن چيو ته ڪجهه ماڻهن او آءِ سي اجلاس کي ناڪان بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي جيڪي پاڻ ناڪام ٿي ويا. جي يو آءِ جو سينيٽر قانون جي پاسداري جي خاطري ڪرائي آهي، ضرورت پئي ته فوج به طلب ڪري سگهون ٿا، ڪنهن کي ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏينداسين. قومي سلامتي جي ادارن خلاف سوشل ميڊيا تي هلندڙ مهم جو ذڪر ڪندي شيخ رشيد چيو ته هن ڊي جي ايف آءِ اي کي چيو آهي ته انهن سمورن ماڻهن کي گرفتار ڪيو وڃي، جيڪي پاڪستان جي فوج خلاف بي بنياد ڳالهيون ڪري رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button