پاڪستانسنڌ

مسوڀرڳڙي لڳ ٽرڪ جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، 2 ڄڻا فوت

مسوڀرڳڙي: مسوڀرڳڙي ويجهو بوھه سان ڀريل تيزرفتار ٽرڪ جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، 2 ڄڻا فوت خبر موجب مسوڀرڳڙي لڳ ڇنڊڻ موري وٽ بوهه سان ڀريل تيزرفتار ٽرڪ جو موٽرسائيڪل سان زوردار ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار 27 ورهين جو ممتاز پٽ بخش حاجاڻو ۽ 40 ورهين جو خير محمد پٽ ڪريم بخش خاصخيلي ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا آهن، فوتين جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيا ويا.

هوڏانهن ٽرڪ ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو، جڏهن ته ٻڍاڻي پوليس ٽرڪ کي پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي. فوتي مسوڀرڳڙي ڀرسان ڳوٺ ميوو حاجاڻو جا رھواسي ھئا، لاش سندن گھر پهچڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو، خبر موڪلڻ تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button