پاڪستانسنڌ

هالا ۾ ڊي اي او پرائمري خلاف جسقم جو احتجاجي مظاهرو

هالا: هالا ۾ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر پرائمري مٽياري خلاف جسقم ضلعي مٽياري پاران عبدالرشيد ڏيٿو، عابد شاهاڻي، بهار سهتو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهرين ڊي اي او پرائمري جي خلاف سخت نعريبازي ڪندي چيو ته ڊي اي او پرائمري اقبال ميمڻ ڪرپشن جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن.

هن مٽياري ضلعي جا تعليمي ادارا تباهه ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي آهي، هنن چيو ته اقبال ميمڻ پنجاهه کان مٿي ماسترن کي ويزا تي موڪلي ڇڏيو آهي، جيڪي کيس ماهوار منٿلي ڏئي گهر ويٺي پگهارون کڻي رهيا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته ڊي اي او اقبال ميمڻ جي ڪيل ڪرپشن جي اعلى سطحي جاچ ڪرائي معصوم ٻارڙن جو مستقبل تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button