پاڪستانسنڌ

بدين جي واھن ۽ شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف تلهار ۾ احتجاجي ريلي

تلھار: بدين جي واھن ۽ شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف ضلعو بچايو تحريڪ پاران تلھار ۾ بڙ چوڪ کان مين بدين اسٽاپ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. جنهن ۾ سوين آبادگارن توڙي ھارين شرڪت ڪري سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي ضلعو بچايو تحريڪ جي اڳواڻن نور احمد ٽالپر، خدا ڏنو شاھه، محمد بخش لغاري ۽ ٻين اڳواڻن عوامي پريس ڪلب تلھار جي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته ھر سال جيان ھن سال به پاڻي کوٽ لاڙ بدين ۾ برقرار رھي آھي، پاڻي کوٽ سبب پورھيت ۽ آبادگار زرعي آبادين کان محروم ٿي ويا آھن.

ھن سال ساريالي فصل جي پوکي ۾ پاڻي کوٽ سبب آبادگارن کي وڏو نقصان پھچي سگھي ٿو، جڏھن ته شروعات ۾ ئي واھن شاخن ڪئنالن ۾ واري اڏامڻ لڳي آھي، جنھن جو سنڌ حڪومت نوٽيس ناھي ورتو. ھنن مطالبو ڪيو ته پهرين اپريل کان ڪوٽڙي بئراج ۾ چاليهه ھزار ڪيوسڪ پاڻي ڏنو وڃي ۽ سيڊا ختم ڪري لاڙ بدين جي واھن، شاخن ۽ ڪئنالن ۾ پورو پاڻي ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو، ريلي ۾ سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي اڳواڻ اعجاز علي احمداڻي، محمد رمضان ملاح پڻ موجود ھئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button