پاڪستانسنڌ

دعا منگي اغوا ڪيس، پوليس فرار قيدي جي جاچ ۾ ٻيهر ناڪام

ڪراچي: ڪراچي پوليس دعا منگي اغوا ڪيس ۾ قيدي ذوهيب قريشي جي فرار ٿيڻ واري مامري جي جاچ ۾ هڪ ڀيرو وري ناڪام ٿي وئي ۽ پنهنجي پٽي ڀائرن کي بچائڻ لاءِ جتن ڪري رهي آهي. ڪراچي جي مقامي عدالت ۾ ڪيس جي شنوائي دوران نئون جاچ آفيسر پيش ٿيو، جنهن تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. جاچ آفيسر چيو ته موبائل فارنزڪ جي لاءِ موڪلي چڪا آهيون، رپورٽ جي بنا جاچ مڪمل نٿي ٿي سگهي. وڪيل چيو ته جاچ ۾ دير جا حربا استعمال ڪرڻ جوابدارن کي فائدو پهچائڻ جي مترادف آهي، جيل مينوئل موجب بغير چالان جي جوابدارن کي جيل ۾ نٿو رکي سگهجي.

پوليس چيو ته ڪيس ۾ هينئر تائين 6 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جوابدارن ۾ هيڊ ڪانسٽيبل محمد نويد، هيڊ ڪانسٽيبل ناياب احمد، هيڊ ڪانسٽيبل محمد يونس، ڪانسٽيبل حبيب ظفر ۽ عمر فاروق شامل آهن. پوليس موجب جوابدارن ۾ اي ايس آءِ خالد به شامل آهي، اي ايس آءِ خالد پاڻ کي ۽ ٻين جوابدارن کي بچائڻ لاءِ مدعي بڻجي ويو هو. پوليس جو چوڻ آهي ته جاچ دوران معلوم ٿيو ته واقعي ۾ مدعي خالد ملوث هو، جوابدار خالد زوهيب قريشي کي گهرڀاتين سان ملڻ لاءِ به موڪليندو هو. پوليس جو چوڻ آهي ته خالد ڄاڻايل جوابدارن جون ڊيوٽي به لڳائيندو هو، جوابدار زوهيب قريشي جي فرار ٿيڻ جو ڪيس سرڪاري فرياد تي داخل ڪيو ويو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button