پاڪستانسنڌ

ڄام عبدالڪريم جو نالو پي اين آءِ ايل ۾ داخل ڪيو وڃي: گورنر سنڌ

ڪراچي: سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ڊي جي ايف آءِ اي کي چيو آهي ته جوابدار ڄام عبدالڪريم جوکيو جو نالو فوري طور تي صوبائي قومي سڃاڻپ لسٽ (پي اين آءِ ايل) ۾ داخل ڪيو وڃي. خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته جوابدار ڄام عبدالڪريم جوکيو ايف آءِ آر نمبر 457/2021 ۾ ملير ضلعي جي ميمڻ ڳوٺ ۾ نامزد آهي. ايف آءِ اي کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته هي قدم عوامي مفاد ۾ کنيو پيو وڃي، ان قدم جو مقصد لاڳاپيل عدالت ۾ ان جي موجودگي کي يقيني بڻائڻ آهي.

خط ۾ چيو ويو آهي ته قتل ڪيس ۾ جوابدار فرار آهي، ان ڪري فوري ڪارروائي جي ضرورت آهي. ٻئي پاسي گورنر عمران اسماعيل پنهنجي وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته ڄام عبدالڪريم، ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ گهربل ۽ هن وقت فرار ٿيل آهي، هو اسيمبلي سيشن اٽينڊ ڪرڻ لاءِ جيئن اسلام آباد لينڊ ڪري ته کيس گرفتار ڪيو وڃي. گورنر عمران اسماعيل چيو ته عدالتون کيس ڳولين پيون، ڄام عبدالڪريم کي گرفتار ڪري کيس سنڌ پوليس حوالي ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button