پاڪستانسنڌ

سنڌ جي تعليم جي صورتحال خراب آھي، دڳ تي آڻڻ ۾ وقت لڳندو:اڪبر لغاري

ميرپورخاص: ميرپورخاص ۾ تعليم کاتي جي صوبائي سيڪريٽري اڪبر لغاري گورنمينٽ ھائي اسڪول موليڏنو خاصخيلي پھچي اسڪول جو دورو ڪيو، اسڪول ۾ شاگردن پاران منقعد ڪيل سائنسي ميلي کي ڏسي سيڪريٽري اسڪول انتظاميا ۽ شاگردن جي ڪارڪردگي کي ساراھيو ۽ اسڪول ۾ گھربل شين جي کوٽ کي پورو ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. جڏھن تھ سيڪريٽري تعليم اسڪول ۾ قائم لائبريري، ليب ۽ ووڪيشنل سينٽر جو پڻ افتتاح ڪيو. ان موقعي تي سيڪريٽري تعليم اڪبر لغاري ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تھ ماضي ۾ ناظمي دور ۾ ھڪ ٻھ ڪمرن تي اسڪول ٺاھيا ويا ۽ گھٽ قابل استاد مقرر ڪيا ويا، جيڪي اسڪول ٺاھيا ويا، اھي فنڪشنل نھ ٿي سگھيا، جنھن جي نتيجي ۾ صوبي ۾ تعليم کي تمام گھڻو نقصان ٿيو آھي، صوبائي وزير سردار ساهه جي ھدايتن تي اسان پاليسي جوڙي رھيا آھيون تھ جيڪي نان وائبل اسڪول آھن، انھن کي بند ڪيو ويندو، جيڪي ھلڻ جھڙا اسڪول آھن، انھن کي گھربل سھولتون فراھم ڪري استادن کي مقرر ڪيو ويندو تھ جيئن تعليم کي بھتر بڻائي سگھجي. ھن چيو تھ صوبي ۾ پرائمري استادن جي 30 ھزار کان وڌيڪ کوٽ آھي، ان کي نظر ۾ رکندي نوان استاد ڀرتي ڪري رھيا آھيون، ڇاڪاڻ تھ ھر سال 6 ھزار کان وڌيڪ استاد رٽائرڊ ٿين ٿا، جنھن ڪري ان کوٽ کي پوري ڪرڻ لاءِ ھر سال نوان استاد ڀرتي ڪيا ويندا، جنھن سان جلد استادن جي کوٽ ختم ٿي ويندي. ھن وڌيڪ چيو تھ شاگردن کي گھرجي تھ ايندڙ وقت ۾ چئلينجن کي منھن ڏيڻ لاءِ عملي ۽ علمي ميدان ۾ مھارت حاصل ڪري مقابلي جي امتحان لا پاڻ کي تيار ڪن. هن چيو ته سنڌ جي تعليم جي صورتحال خراب آھي، جنھن کي دڳ تي آڻڻ لا وقت لڳندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button