پاڪستانسنڌ

مٺي ۾ ڀاڳچند جي وارثن جو 35 ڪلاڪن بعد ڌرڻو ختم

مٺي: مٺي ٿاڻي جي لاڪپ ۾ قتل ٿيل نوجوان ڀاڳچند جي وارثن 35 ڪلاڪن بعد ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو، ايس ايس پي ٿاڻي جي سموري عملي کي معطل ڪري شوڪاز جاري ڪيا. ان سلسلي ۾ مٺي ٿاڻي جي لاڪپ ۾ پوليس تحويل دوران چوري ڪيس ۾ گرفتار نوجوان ڀاڳچند عرف ڀاڳيو ميگهوڙ جي قتل ٿيڻ واري واقعي خلاف وارثن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن ٿاڻي آڏو 35 ڪلاڪن تائين مسلسل ڌرڻو هنيو. نوجوانن ٿاڻي آڏو احتجاج سان گڏ ڦانگاريو اسٽاپ ۽ ماروي پمپ بائي پاس تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌار ڌار ڌرڻا هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيا، جنهن ڪري شھر ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ بند ٿي وئي ۽ گاڏين جون قطارون لڳي ويون. متاثرن سان يڪجهتي لا پ پ ايم پي اي فقير شير محمد بلالاڻي سميت ايس ٽي پي، ايس يو پي، ڪيو اي ٽي، اي جي پي، عوامي تحريڪ ۽ ٻين پارٽين جي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري حمايت ڪئي. هوڏانهن ايس ايس پي ٿرپارڪر سردار حسن نيازي مٺي ٿاڻي تي پهچي ڪيترائي ڪلاڪ لاڳاپيل پوليس آفيسرن سان بند ڪمري ۾ گڏجاڻيون ڪرڻ بعد ايم پي اي فقير شير محمد بلالاڻي ۽ ڊي سي ٿر محمد نواز سوهو سان گڏجي احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون ڪيون، ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ بعد نوجوان ڀاڳچند ميگهواڙ جي قتل جو ڪيس ايس ايڇ او مٺي محمد سومار مڱريو، پ پ ليڊيز ونگ ٿرپارڪر جي ضلعي صدر ۽ انساني حقن واري ڪميٽي جي ميمبر سمترا منجياڻي، ٻن بااثرن آچار ميگهواڙ ۽ موهن ميگهواڙ مٿان مقتول جي چاچي جيرام ميگهواڙ جي فرياد تي داخل ڪيو ويو. ايس ايس پي ڄاڻايل ايس ايڇ او ۽ چوري ڪيس جي آ اي او سميت واقعي واري وقت ڊيوٽي تي موجود مٺي ٿاڻي جي اهلڪارن کي معطل ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته جاچ بعد جيڪي ذميوار نڪتا، انهن خلاف وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ معطل اهلڪارن کي ايس ايس پي پاران شوڪاز ڏنا ويا آھن. ايس ايس پي جي اهڙي ڪارروائي ۽ انصاف جي خاطري بعد 35 ڪلاڪن کان لڳل ڌرڻو ختم ڪيو ويو، جنهن بعد لاش پوسٽ مارٽم لا سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، لاش منتقل ڪرڻ دوران احتجاج ۾ شريڪ ڪجھه ماڻھن ٻيهر پوليس مٿان پٿرا شروع ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري پوليس موبائيلن جا شيشا ٽٽي پيا، پوليس ۽ مڇريل ماڻھن ۾ ڇڪتاڻ ۽ چڪريون پڻ جاري رهيون، نوجوان جي وارثن پٿرا ڪندڙ ماڻھن کان لاتعلقي ظاهر ڪئي. ايس ايس پي جي اڳواڻي ۾ وڏن پوليس اٽالن پٿرا ڪندڙ ماڻھن کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اهي کسڪي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button