اسلام آبادبلوچستانپاڪستان

شاهه زين بگٽي جي بلاول ڀٽو سان ملاقات،حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو اعلان

اسلام آباد: بلوچستان جي معاملن بابت وزيراعظم جي خاص مددگار ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر شاهه زين بگٽي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات کانپوءِ حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڪالهه شاهه زين بگٽي اسلام آباد ۾ بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ن ليگ ۽ پ پ جا قومي اسيمبلي ميمبر به موجود هئا. ملاقات کانپوءِ بلاول سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شاهه زين بگٽي چيو ته اسان کي حالتون بهتر ڪرڻ ۽ امن بحال ڪرڻ جو مينڊيٽ مليو هو پر حڪومت ڪجهه ڊليور نه ڪري سگهي. هن حڪومت ڇڏيندي وزيراعظم جي خاص مددگار جي عهدي تان استعيفيٰ جو اعلان به ڪيو ۽ چيو ته پي ڊي ايم سان گڏ آهيون. سندس چوڻ هو ته هڪ هفتو اڳ به حڪومت کي ٻڌايو، بلوچستان ۾ 2 لک 90 هزار کان وڌيڪ پناهگير آهن، اهي پناهگير 2005 کان وٺي اڄ تائين بي يارو مددگار آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ شاهه زين بگٽي چيو ته بلوچستان جا مسئلا ڪنهن کان لڪل ناهن، وزيراعظم بهتر ٻڌائي سگهي ٿو ته هن ڪهڙي علائقي تي ڌيان ڏنو. جمهوري وطن پارٽي جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته اسان پنهنجي ذميواري پوري ڪئي ۽ پنهنجو ڪم ايمانداري سان ڪيو پر حڪومت جيڪي واعدا ڪيا اهي پورا نه ڪيا. بلوچستان جي عوام جو اسان تي اعتماد آهي، ان کي ڇيهو رسيو آهي. ساڍن ٽن سالن ۾ بلوچستان ۾ ڪا ترقي نه ٿي. هن چيو ته اپوزيشن خلاف جيڪا ٻولي استعمال ڪئي پئي وڃي، اها نٿي سونهي. پي ڊي ايم ۽ حقيقي ۽ پراڻيون سياسي جماعتون شامل آهن ۽ اسان انهن سان گڏ آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button