اسلام آبادپاڪستان

خط لکي ڌمڪي ڏني وئي،ٻاهر کان حڪومت ڪيرائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي:وزيراعظم

اسلام آباد : وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان کي لکي ڌمڪي ڏني وئي، ملڪ ۾ ٻاهر جي پئسي جي مدد سان حڪومت تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. آزاد پرڏيهي پاليسي کي ختم ڪرڻ لا پرڏيهي فنڊنگ ٿي رهي آهي. قوم ڄاڻڻ چاهي ٿي ته لنڊن ۾ ويٺل همراهه ڪنهن ڪنهن سان ملي رهيو آهي. ڪالهه ملڪي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ عوامي جلسي ۾ وزيراعظم عمران خان خط کڻي خطاب ڪيو ۽ چيو ته اسان جي ملڪ کي پراڻن ليڊرن جي ڪرتوتن جي ڪري ڌمڪيون ملنديون رهيون. ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ کي آزاد پرڏيهي پاليسي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته فضل الرحمان، نوازشريف ۽ ان وقت جي پارٽين ذوالفقار علي ڀٽو خلاف تحريڪ هلائي ۽ اڄ جهڙيون حالتون بڻايون ويون. انهن حالتن جي ڪري ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ڏني وئي. هن چيو ته اڄ انهيءَ ڀٽو جو ناٺي آصف زرداري ۽ ان جو ڏوهٽو ٻئي ڪرسي جي لالچ ۾ پنهنجي سهري ۽ ناني جي قرباني کي وساري ان جي قاتلن سان گڏ ويٺا آهن ۽ انهن جي وڪالت ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ٻاهران اسان جي ملڪ جي پرڏيهي پاليسي کي متاثر ڪيو پيو وڃي، هن سازش جو اسان کي مهينن کان پتو آهي. هي جيڪي اڄ قاتل ۽ مقتول گڏ ٿي ويا آهن ۽ انهن کي گڏ ڪندڙن جو به اسان کي پتو آهي. هي ذوالفقار علي ڀٽو وارو ٽائيم نه آهي، وقت تبديل ٿي چڪو آهي. وزيراعظم چيو ته قوم سجاڳ آهي ۽ اسان ڪنهن جي غلامي قبول نه ڪنداسين. اسان سڀني سان دوستي ڪنداسين، غلامي نه ڪنداسين. اسان جي ملڪ ۾ ٻاهر جي دولت جي مدد سان حڪومت کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته اسان کي پتو آهي ته ٻاهران ڪهڙن ڪهڙن هنڌن تان دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي. جڏهن ته اسان جي ملڪي مفاد ۾ لڪي اسان کي ڌمڪي ڏني وئي آهي، اسان ملڪي مفاد تي ڪائي سوديبازي نه ڪنداسين. قومي اڳيان پاڪستان جي آزادي جو ڪيس رکي رهيو آهيان، الزام نه پيو هڻان. مون وٽ جيڪو خط آهي، اهو ثبوت آهي. جيڪڏهن ڪو شڪ ڪري رهيو آهي ته آئون کيس دعوت ڏيان ٿو ته توهان ڏسي سگهو ٿا ته آئون ڪهڙي ڳالهه ڪري رهيو آهيان. ان کان پوءِ وزيراعظم خط ٻاهر ڪڍي عوام ڏيکاريو ۽ پوءِ کيسي ۾وجهي ڇڏيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته هي ڊرامو ان لاءِ ٿي رهيو آهي جو عمران مشرف وانگر گوڏا کوڙي اين آر او ڏئي ڇڏي. عمران خان وڌيڪ چيو ته ننڍو چور نه پر وڏو ڦورو ملڪ کي تباهه ڪري ٿو، هي 3 چور 30 سالن کان هن ملڪ کي لٽي رهيا آهن، هنن جا پئسا ٻاهر پيا آهن. هن چيو ته جنرل مشرف هن قوم تي ظلم ڪيو، ان جي دٻاءُ ۾ اچي ۽ پنهنجي حڪومت بچائڻ لاءِ هنن چورن کي اين آر او ڏنو. اسان ان لاءِ ورتل قرضن جون قسطون ڏيڻ تي بار کڻي رهيا آهيون. حڪومت وڃي ٿي ته ڀلي وڃي، سر وڃي ٿو ته ڀلي وڃي، مان ڪڏهن به انهن کي معاف نه ڪندس. وزيراعظم عمران خان چيو ته ساڍن ٽن سالن ۾ ڪنهن حڪومت اهڙي پرفارمنس ناهي ڏني، جيڪا اسان ڏني آهي. هن چيو ته ڪرونا ۾ پنهنجي ملڪ کي بند نه ڪيو، مون تي تنقيد ٿي ۽ ماڻهن چيو ته عمران خان ملڪ تباهه ڪري رهيو آهي. سنڌ حڪومت به منهنجي ڳالهه نه ٻڌي، جڏهن ته اڄ سڄي دنيا تسليم ڪيو جيڪي پاڪستان قدم کنيا، ان سان پنهنجي قوم معيشت ۽ غريبن کي بچايو. هن چيو ته اپوزيشن ماڻهن کي خريد ڪرڻ لاءِ پئسا خرچ ڪري رهي آهي. دعويٰ ڪريان ٿو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ ساڍن ٽن سالن ۾ ڪنهن حڪومت اهڙي پرفارمنس ناهي ڏني جيڪا اسان ڏني آهي. ڊيزل جي قيمت 10 رپيا گهٽ ڪئي آهي، اسان جي معيشت جي ترقي تي اپوزيشن حيران ٿي وئي. اسان ملڪي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس گڏ ڪيو، ٽيڪسٽائيل انڊسٽري رڪارڊ ايڪسپورٽ ڪري رهي آهي. وزيراعظم عمران خان بلاول ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز تي تنقيد ڪندي چيو ته مريم بي بي جنهن زندگي ۾ هڪ ڪلاڪ ڪم ناهي ڪيو، بلاول کي 14 سالن ۾ اردو ڳالهائڻ ئي نه آئي. هن چيو ته آصف زرداري، بلاول کي ليڊر بنائڻ لاءِ پهريان اڃا ڪجهه وڏو ٿيڻ ڏي ها، بلاول مون کي روز ڌمڪي ڏي ٿو. نيب مون کي گهرايو ته ياد ڪندس ته بلاول تون ڇا ڪندين ته مان روئي ڏيندس. وزيراعظم عمران خان چيو ته (ن) ليگ 2013 ۾ مهانگا روڊ رستا ٺاهيا، 2021 ۾ رستا 2013 کان 23 ڪروڙ رپيا سستا ٺهيا. مراد سعيد اوهان کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، اين ايڇ اي ان جي ماتحت آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button