پاڪستانسنڌ

سامارو ۾ شاگردن جي ميرپورخاص تعليمي بورڊ خلاف ريلي

سامارو: ميرپورخاص تعليمي بورڊ طرفان فيسن ۾ واڌ خلاف سامارو ۾ شاگردن مظاھرو ڪيو. سامارو ۾ ميرپورخاص تعليمي بورڊ خلاف سامارو ۽ سامارو روڊ ھائي اسڪولن سميت تعلقي جي مختلف سرڪاري اسڪولن جي نائين ۽ ڏھين ڪلاس جي شاگردن گورنمينٽ ھائي اسڪول سامارو روڊ کان ھڪ وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي 8 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري پريس ڪلب آڏو مظاھرو ڪري ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن دوران هنن نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي شاگردن سرفراز احمد، علي احمد شاھاڻي، سنديپ ڪمار، پريمچند، مظفر حسين، پريم ساگر، امرت ڪمار ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانھيندي چيو ته غربت سبب اسان سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪريون ٿا، اسان جي گھرن ۾ اڳ ئي فاقاڪشي آھي، گورنمينٽ مفت تعليم جو اعلان ڪيو آهي، پر ميرپورخاص تعليمي بورڊ ڏھين جي فارمن ۾ مختلف فيسن جي واڌ ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ڪيو آهي، جيڪا ڏيڻ اسان جي وس ۾ ئي ناھي. جيڪڏھن ڳاٽي ٽوڙ فيسن ۾ گھٽتائي نه ڪئي وئي ته سخت احتجاج ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button