پاڪستانسنڌ

ٺيڙهي لڳ ڳوٺ ۾ باهه، 20 گهر رک، لکين رپين جو نقصان

خيرپور: ٺيڙهي ڀرسان پلهه ڳوٺ ۾ باگڙي ۽ اوڏ برادري جي گهرن کي اوچتو باهه لڳي وئي، جنهن سبب 20 کان وڌيڪ ڪکاوان گهر سڙي رک ٿي ويا. خبر موجب ٺيڙهي ڀرسان ڳوٺ پلهه ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب اوچتو گهرن کي باهه لڳي وئي، جنهن سبب ڪنيو لال، نانڪ لال، هري مل، دريام، ڪيول، ميول، مٺو، ڀڳوانو، ڪنيو، گرونا، متارو، عاشق، جيوڻ، بعيوب، يار محمد، بهادر ۽ ويام سميت 20 کان وڌيڪ ماڻهن جا گهر سڙي ويا، گهرن ۾ رکيل، روڪ رقم، سونا زيور، اناج، هنڌ بسترا، ڪپڙا ۽ قيمتي سامان سڙي رک ٿي ويو، متاثر ڳوٺاڻا ٻارن ۽ عورتن سميت رڳو جانيون بچائي ٻاهر نڪري سگهيا، گهر سڙڻ بعد متاثر رهواسي ٻارن ۽ عورتن سميت کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن، جن وٽ اڃا تائين ڪوبه چونڊيل نمائندو يا سرڪاري ڪامورو نه پهتو. جڏهن ته متاثرن رابطو ڪرن تي ٻڌايو ته اوچتو بجلي تارن مان گهرن کي باهه لڳي، ڏسندي ڏسندي 20 گهرن کي وڪوڙي وئي، اسان جانيون بچائي ٻاهر نڪتا سين، اسان جي سڄي زندگي جي ڪمائي باهه ۾ سڙي وئي، هنن ڊپٽي ڪمشنر خيرپور ۽ ٻين کان مدد جي اپيل ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button