پاڪستانسنڌ

شهدادپور ۾ سائنسي ۽ ثقافتي ميلو، مختلف ماڊلز پيش

شھدادپور: شهدادپور پرونيشلائيزڊ بوائز هائي اسڪول ۾ سائنسي ۽ ثقافتي ميلو لڳايو ويو، جنهن ۾ شاگردن ثقافتي ۽ سائنسي ماڊلز ٺاهي نمائش لا پيش ڪيا. ان موقعي تي ڊپٽي ڊي اي او سانگھڙ نياز حسين نائچ، ٽي اي او هائير سڪنڊري شهدادپور محمد آچر باگراڻي، پرنسپال گورنمينٽ پرونيشلائيزڊ بوائز هائي اسڪول غلام مصطفى ڪلوئي، هادي ڊولپمينٽ باني هادي زبير ابڙو، ميمڻ جماعت اڳواڻ خادم ميمڻ، سياسي سماجي اڳواڻ پير اڪرام رضا ۽ ٻين ميلي جو افتتاح ڪيو ۽ دورو ڪيو. ان موقعي تي هنن چيو ته معاشري کي صحتمند رکڻ لا صحتمند سرگرميون ڪرڻ بهترين قدم آھي، اڄ جو شاگرد سڀاڻي جو سياستدان، ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ حڪمران بڻجندو. شاگردن جي بهترين تربيت هوندي ته پنهنجي ملڪ جي بهترين خدمت ڪندا. ثقافتي ۽ سائنسي ميلو وقت جي سخت ضرورت آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button