پاڪستانسنڌ

ڊگهڙي لڳ ڪار جو ٽرالي سان ٽڪر، عورت فوت

ڊگهڙي: ڊگهڙي ڀرسان ميرواھه گورچاڻي روڊ تي ڪنگورو شاخ اسٽاپ ويجهو روڊ تي بيٺل ڪمند سان ڀريل ٽرالي سان ڪار جو ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ۾ ميرپورخاص شهر جي گلبرگ ٽائون جي رهواسڻ 50 ورهين جي عورت شازيه محمود زال حسن محمود آرائين تڏي تي فوت ٿي وئي، ساڻس ڪار ۾ سوار سندس مڙس حسن محمود معمولي زخمي ٿي پيو، اطلاع تي پوليس پهچي لاش ۽ زخمي کي کڻائي تعلقي اسپتال آندو. پوليس موجب زخمي شخص حسن محمود آرائين ۽ فوتڻ سندس گهرواري جهڏو شهر کان واپس ميرپورخاص پنهنجي گهر طرف وڃي رهيا هئا ته ٽرالي سان ڪار جو ٽڪر ٿي پيو، لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي، جيڪي ميرپورخاص کڻائي ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button