پاڪستانسنڌ

مقصودورند لڳ هاري جي فصل کي باهه، 4 ايڪڙن تي لڻيل ڪڻڪ رک

مقصودو رند: مقصودو رند لڳ ڳوٺ سھجو رند ۾ غريب مسڪين ھاري عبدالله رند جي لابارو ٿيل ڪڻڪ کي بجلي جي 11 ھزار وولٽ واري تارن مان چڻنگ اٿڻ سبب باھه لڳي وئي، جنهن سبب 4 ايڪڙن تي لڻيل ڪڻڪ سڙي رک ٿي وئي. ڳوٺاڻن پنھنجي مدد پاڻ تحت باھه وسائي بچيل ڪڻڪ کي سڙڻ کان بچائي ورتو. ان موقعي تي پورھيت عبدالله رند ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وڏي محنت ڪري لنڊيون لتاڙي فصل ڪاھيو ھو، پر باھه سبب منھنجي محنت ضايع ٿي وئي، ھاڻ ٻارن کي ڇا کارائيندس. ھن اپيل ڪئي ته منھنجي واھر ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button