اسلام آبادپاڪستان

عمران خان جي حڪومت ڪيرائڻ لاءِ باقاعدي عالمي فنڊنگ ٿي:شيخ رشيد

اسلام آباد :وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته عمران خان جي حڪومت اونڌي ڪرڻ لاءِ باقاعدي فنڊنگ ٿي آهي، ان جا ثبوت فراهم ڪيا ويندا. اها ايجنسين جي ناڪامي ناهي، اهي به چڱي ريت واقف آهن. بي اعتمادي تي ووٽنگ ٽي اپريل تي ٿيندي. ڪالهه اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته اڃا 31 تاريخ تي بي اعتمادي تي بحث ٿيندو، جنهن کانپوءِ ووٽنگ ٽي اپريل تي ٿيندي. بي اعتمادي رٿ جو فيصلو آخري ڪلاڪ تائين ويندو. هن چيو ته سياست ۾ کٽڻ هارائڻ ٿيندو آهي پر هڪ ڳالهه طئي آهي ته قوم عمران خان سان گڏ آهي، اهو جلسي ۾ ثابت ٿي ويو. هن جو چوڻ هو ته اتحادين بابت مون چيو ته ق ليگ اسان سان گڏ ايندي، هاڻي دعا آهي ايم ڪيو ايم به اسان سان گڏ اچي، ڇو جو ايم ڪيو ايم جو فيصلو وڏو فيصلو هوندو. جڏهن ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو به انتظار آهي، جنهن ماڻهن عمران خان کي هٽائڻ لاءِ عالمي سازشون ۽ سيڙپڪاري ڪئي، اهي ناڪام ٿيندا. هن وڌيڪ چيو ته ڪوشش آهي ته ٽي اپريل تي اپوزيشن 172 ماڻهو پورا نه ڪري سگھي، مان گھڻي گھٻراهٽ ۾ هئس پر الله ڏيکاريو، ماڻهو عمران خان سان گڏ آهن، ڀلي اليڪشن جي رزلٽ ڇا به هجي. سندس چوڻ هو ته مان تڪڙين چونڊن جو حامي آهيان، حج کانپوءِ اليڪشن ٿيڻ گھرجي، عمران خان سٺي بجيٽ ڏئي. شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته پنڊي وارا ذميوار ماڻهو آهن، اهي پاڪستان سان گڏ آهن ۽ حالتن کان چڱي طرح واقف آهن. اهي پاڪستان جي معاملن کي سمجهن ٿا، جيڪڏهن اهي اڻ ڌريا رهيا ته سٺي ڳالهه آهي، ان ۾ ڪو مسئلو نه ٿيڻ گھرجي. اسان هر شيءِ پنڊي تي وجھي ڇڏيون ته سٺي ڳالهه ناهي. هن دعويٰ ڪئي ته عمران خان جي حڪومت اونڌي ڪرڻ لاءِ باقاعدي فنڊنگ ٿي آهي، ان جا ثبوت فراهم ڪيا ويندا، اها ايجنسين جي ناڪامي ناهي، اهي به چڱي ريت واقف آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button