پاڪستانسنڌ

افغانستان، ايران ۽ ميانمار جهڙن ملڪن مان منشيات اچي ٿي (ڄامشوري ۾ سيمينار)

ڄامشورو: مهراڻ، سنڌ، لياقت ميڊيڪل ۽ گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي حيدرآباد جي شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ “تحفظ ۽ نشي جي روڪٿام” بابت مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو جي مک آڊيٽوريم ۾ سيمينار ٿي گذريو. ڊي جي رينجرز سنڌ ميجر جنرل افتخار حسن چوڌري سيمينار کي خطاب ڪندي چيو ته شهري قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان سهڪار ڪندا ته ملڪ ۾ نشي واري شين جي مڪمل روڪٿام ٿي سگهي ٿي، نوجوانن کي بهتر ڪارڪردگي لاءِ محنت ڪرڻ گهرجي، نشو ڪارائتي فرد کي ناڪارا بڻائي ڇڏيندو آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اينٽي نارڪوٽيڪس فورس جي ڊي جي ميجر جنرل غلام شبير ناريجو چيو ته نشي آور شيون ايتريون ئي پراڻيون آهن جيتري انساني تاريخ، پاڪستان ۾ نشي آور شيون گهڻو ڪري افغانستان، ايران ۽ ميانمار جهڙن ملڪن کان اچن ٿيون، پاڪستان زميني طور تي جنهن جاءِ تي موجود آهي، ان جي تمام وڏي اهميت آهي، انڊِيا ۾ اڪثر نشي آور شيون ڪشمير وارن علائقن ۾ پهچايون وڃن ٿيون. هن چيو ته ڪمشير جي خودمختياري لاءِ ورهندڙن کي نشي جو عادي بنائي انهن کي ناڪارا ڪيو وڃي ٿو، جنگ ۾ بغير وڙهڻ جي جنگ کٽڻ جو اهو به هڪ طريقو آهي. ميجر جنرل غلام شبير ناريجو چيو ته 1971ع ۾ آمريڪا ۾ نشي خلاف جنگ شروع ٿي ۽ آمريڪا ۾ نشي کي فرد جو نمبر ون دشمن قرار ڏنو ويو، نوجوان پنهنجي توانائي وڌائڻ لاءِ نشو ڪن ٿا، پر اڳتي هلي انهن جي زندگي لاءِ نشو ناسور بڻجي وڃي ٿو. مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحهٰ حسين علي چيو ته هڪڙي محاذ تي اسان جا سيڪيورٽي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا وڙهي رهيا آهن ته ٻئي محاذ تي ملڪ جا استاد جهالت خلاف جنگ وڙهي رهيا آهن، ڄامشورو ۾ نشي آور شين جو وڪرو ٿي رهيو آهي، انهن کي سختي سان روڪيو وڃي. سيمينار ۾ مهراڻ، سنڌ، لمس ۽ جي سي يونيورسٽي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button