پاڪستانسنڌ

لاکڙا پاور هائوس ۾ اعلانيل الائونس نه ڏيڻ خلاف هڙتال، ڌرڻو

سن: پاڪستان واپڊا ھائيڊرو اليڪٽرڪ ورڪرز يونين طرفان لاکڙا پاور هائوس ۾ ڪم ڇڏ هڙتال ڪري پاور هائوس جي مک گيٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي يونين اڳواڻن مظھر ملاح، مشتاق عمراڻي، غلام رسول ڏيٿو، غلام فريد، اشتاق، امداد چاچڙ ۽ ٻين چيو ته وفاقي حڪومت مختلف وقتن تي الائونسن ۾ اضافو ڪيو آهي، جڏهن ته ٻه سال اڳ 25 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ وري سال اڳ ڏھه سيڪڙو واڌ ڪئي وئي، پر اها پورهيتن کي اڃا تائين نه ڏني وئي آهي. هنن وزيراعظم عمران خان، ايم ڊي پاور سيڪريٽري انرجي جينڪوز ۽ اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ملازمن کي اعلانيل الائونس ڏنا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button