پاڪستانسنڌ

ڊگهڙي ۾ ميلو، ٻارن جي ٺاهيل ماڊلز جي نمائش

ڊگھڙي: ڊگهڙي شهر ۾ خانگي فاران پبلڪ اسڪول ۾ “سائنس فيئر” جي عنوان سان هڪ ڏينهن وارو سائنس ۽ آرٽس جو نمائشي ميلو لڳايو ويو، جنهن ۾ اسڪولي ٻارڙن طرفان بائيولاجي، فزڪس، ڪئمسٽري ۽ آرٽس جا مختلف ماڊل تيار ڪري اسٽال لڳايا ويا، سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ٻارن کي سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا. تقريب جو مهمان خاص گورنمينٽ بوائز هائي اسڪول جو پرنسپال مير احمد خان ٽالپر هو، ٻين مهمانن ۾ رائز ايجوڪيشن سسٽم ضلعي ميرپورخاص جو ڊائريڪٽر فرحان بابر، محمد آصف بنديشه، عمار آصف جٽ، سينيئر استاد محمد اسماعيل سميجو، علي شاھه، قدير نواز گجر ۽ ٻيا هئا. پرنسپال مير احمد خان ٽالپر ۽ ٻين تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ٻارڙن جون محنتون ڏسي دلي خوشي ٿي رهي آهي ته اسڪول جي ٻارڙن ۾ وڏو ٽيلنٽ موجود آهي، ان سان گڏ اهو پڻ ثابت ٿي رهيو آهي کين سٺي تعليم ۽ تربيت ملي رهي. ان موقعي تي محمد آصف بنديشه، عمار آصف جٽ ۽ ٻين چيوته اسڪول ۾ ماهر استاد ٻارن تي محنت ڪري رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button