پاڪستانسنڌ

جهول لڳ ڪوچ ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، نوجوان فوت

جھول: جھول ويجهو الرحمت ڪاٽن فئڪريٽري وٽ ڪوچ ۽ موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ جھول واسي فوت ٿي ويو. الرحمت ڪاٽن فئڪريٽري وٽ سانگھڙ ويندڙ ڪوچ ۽ جھول ايندڙ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن سبب موٽرسائيڪل سوار وارڊ نمبر 7 جو رھواسي نوجوان محبوب علي پٽ مولابخش خاصخيلي مٿي ۾ ڌڪ لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي ويو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال نيو پئي ويو ته هو رستي ۾ فوت ٿي ويو. پوليس سول اسپتال سانگھڙ پھچي لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو، جيڪي گهر کڻائي پهتا ته ڪهرام مچي ويو. هوڏانهن پوليس ڪوچ کي ٿاڻي تي بيھاري ڇڏيو، ڊرائيور فرار ٿي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button