اسلام آبادبلوچستانپاڪستان

اسلم ڀوتاڻي جي زرداري سان ملاقات،حڪومتي اتحاد کان ڌار ٿي ويو

اسلام آباد : بلوچستان جي آزاد قومي اسيمبلي ميمبر محمد اسلم ڀوتاڻي حڪمران اتحاد ڇڏڻ ۽ وزيراعظم کي بي اعتمادي رٿ ذريعي اقتدار مان بي دخل ڪرڻ جي ڪوششن ۾ اپوزيشن سان گڏ ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اسلم ڀوتاڻي بلوچستان ۾ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 272 گوادر لسٻيلي کان آزاد حيثيت ۾ قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو آهي. هن چيو ته آئون اپوزيشن نه پر آصف زرداري سان گڏ آهيان. هو جيڏانهن به ويندو، آئون اوڏانهن ويندس. آصف زرداري ۽ اختر مينگل سان پراڻا واسطا آهن. هن چيو ته جڏهن پ پ جي سرڪار هئي ته آصف علي بلوچستان ۾ ڪم ڪرايا. مون غيرمشروط طور زرداري جي حمايت ڪئي آهي، ڪو به مطالبو ناهي رکيو. هوڏانهن نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته مان حڪومتي اتحاد ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن اهو فيصلو پاڪستان پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري سان ملاقات کان پوءِ ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button