اسلام آبادپاڪستانپنجاب

حڪومت سهڪار ڪرڻ تي ترين گروپ کي وزارتن جي آڇ ڪري ڇڏي

اسلام آباد: حڪومتي ٽيم جهانگير ترين گروپ سان رابطو ڪري کين اهم وزارتن جي آڇ ڪئي آهي. ذريعن موجب بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ ۽ اطلاعات واري فواد چوڌري، عون چوڌري سان فون تي رابطو ڪيو. حڪومتي ٽيم ترين گروپ کان سهڪار طلب ڪيو. ان دوران پرويز خٽڪ چيو ته توهان جا مطالبا تسليم ٿي چڪا آهن، هاڻ پارٽي قدمن جي حمايت ڪيو ۽ اهم وزارتون به ڏنيون وينديون. جڏهن ته توهان جا ٻيا خدشا به ختم ڪيا ويندا.هوڏانهن چوڌري پرويز الاهي ۽ مونس الاهي سان به عون چوڌري جو 24 ڪلاڪن دوران ٻيو ڀيرو رابطو ٿيو، جنهن ۾ چوڌري پرويز الاهي جي وڏ وزارت لاءِ ترين گروپ جي حمايت گهري وئي. عون چوڌري چيو ته ترين گروپ جلد حتمي مشاورت ۾ پنهنجي حڪمت عملي جو اعلان ڪندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button