اسلام آبادپاڪستانعالمي

يوڪريني صدر جو عمران خان کي فون،جنگ جي صورتحال تي ڳالهيون

اسلام آباد : وزيراعظم عمران خان کي يوڪرين جي صدر ولودومير زيلنسڪي ٽيليفون ڪيو آهي، جنهن ۾ يوڪرين جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس مان جاري ڪيل پڌرائي موجب وزيراعظم عمران خان يوڪرين ۾ جاري عسڪري تڪرار تي ڏک جو اظهار ڪيو. پڌرائي موجب وزيراعظم عمران خان يوڪريني صدر کي ڳالهه ٻولهه ۾ چيو ته پاڪستان تشدد جي فوري خاتمي ۽ ڳالهين ذريعي تڪرار جي حل جو حامي آهي.
پڌرائي موجب وزيراعظم چيو ته تڪرارن جا ترقي پذير ملڪن تي ناڪاري معاشي اثر پوندا آهن.وزيراعظم عمران خان يوڪريني شهرين کي رليف فراهم ڪرڻ تي به زور ڏنو. پڌرائي موجب وزيراعظم چيو ته پاڪستان يوڪرين جي عوام جي امداد لاءِ 2 سي 130 جهاز اماڻيا آهن، او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ يوڪرين ۾ سيڪيورٽي ۽ انساني صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، او آءِ سي پرڏيهي وزيرن يوڪرين ۾ فوري جنگ بندي جو مطالبو ڪيو، او آءِ سي ميمبر ملڪن ڳالهين واري عمل ۾ مدد جو اظهار ڪيو.وزيراعظم چيو ته پاڪستان جهڙا اڻ ڌريا ملڪ تڪرار جي حل جي ڪوششن ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي پوزيشن ۾ آهن، جڏهن ته وزيراعظم پاڪستاني شاگردن، سفارتي عملي کي ٻاهر ڪڍڻ ۾ مدد تي يوڪريني صدر جا ٿورا مڃيا. ياد رهي ته وزيراعظم عمران خان به فيبروي ۾ روس جو دورو ڪيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button