اسلام آبادپاڪستان

پيڪا آرڊيننس پارليامينٽ سامهون نه رکڻ سان بدنيتي لڳي ٿي:ها ڪورٽ

اسلام آباد :اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پيڪا آرڊيننس خلاف پي بي اي ۽ ٻين صحافي تنظيمن جي درخواستن تي سمورين ڌرين کي سومر تائين دليل مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو آهي ته ٿي سگهي ٿو ته حڪومت پيڪا ترميمي آرڊيننس واپس وٺي ڇڏي.چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس اطهر من الله پيڪا ايڪٽ ۾ آرڊيننس ذريعي ترميم خلاف درخواستن تي شنوائي ڪئي.ان دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل دليل ڏيندي چيو ته آرڊيننس جاري ڪرڻ بابت مختلف پهلو ڏسڻ ۾ آيا. آرٽيڪل 89 تحت آرڊيننس جاري ڪرڻ جو اختيار ڪنهن حد تائين آهي. چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ۾ چيو ته آرڊيننس جاري ڪري پارليامينٽ جي سامهون نه رکڻ ايگزيڪٽو جو اختيار ناهي. اهڙي طرح ته ايگزيڪٽو جي بدنيتي لڳي ٿي. ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته پارليامينٽ جي سامهون پيش ڪرڻ جو هڪ ٽائيم هوندو آهي. ان دوران ئي آرڊيننس رکيو ويندو آهي. جيستائين رولز موجود آهن ايگزيڪٽو کي انهن کي اختيار ڪرڻو پوندو آهي. چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو ته آرڊيننس ايگزيڪٽو قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ سان گڏ پيش ڪرڻو هوندو آهي. ائين نٿو ٿي سگهي ته جتي اڪثريت هجي صرف اتي ئي پيش ڪريون. حڪومت کي ٻڌائڻو آهي ته ايگزيڪٽو جيڪڏهن پنهنجي آئيني ذميواري پوري ناهي ڪندو ته ان جا به اثر پوندا آهن. اوهان کي ٻڌائڻو آهي ته هن آرڊيننس کي ڪڏهن ۽ ڪنهن جي سامهون پيش ڪيو ويو؟ سينيٽ چيئرمين جي رولنگ آهي ته جڏهن به آرڊيننس جاري ٿيندو، جيڪڏهن ايگزيڪٽو ڄاڻي واڻي آرڊيننس ٻنهي هائوسز جي سامهون نٿو رکي ته ان جا ڪهڙا اثر پوندا. ايگزيڪٽو وٽ ڪابه اٿارٽي ناهي ته هو آئين جي ڀڃڪڙي ڪري. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سومر تائين حتمي دليل ڏيڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي وڌيڪ شنوائي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.پارليامينٽ ۽ سينيٽ جي سامهون پيش ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button