اسلام آبادپاڪستان

ايم ڪيو ايم جي 2 وفاقي وزيرن وزارتن تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

اسلام آباد : ايم ڪيو ايم ۽ گڏيل اپوزيشن ۾ لکت ۾ معاهدو طئي ٿيڻ بعد ايم ڪيو ايم جي 2 وفاقي وزيرن پنهنجن عهدن تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. ان ڏس ۾ وفاقي وزير امين الحق ۽ فروغ نسيم پنهنجون استعيفائون تيار ڪري اماڻي ڇڏيون آهن. ايم ڪيو ايم جي ذريعن موجب حڪومت سان معاملا طئي نه ٿيڻ سبب استعيفيٰ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. حڪومت جي اتحادي جماعت ايم ڪيو ايم حڪومت کان عليحدگي اختيار ڪندي وفاقي ڪابينا به ڇڏي ڏني آهي. ايم ڪيو ايم جي ٻنهي وفاقي وزيرن فروغ نسيم ۽ امين الحق پنهنجون استعيفائون وزيراعظم هائوس موڪلي ڇڏيون آهن، جنهن کانپوءِ ايم ڪيو ايم باقاعدي طور ڪابينا کان ڌار ٿي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم جي ٻنهي وزيرن پنهنجي استعيفيٰ جي منظوري رابطا ڪميٽي کان ڪرائڻ بعد استعيفيٰ جمع ڪرائي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button