اسلام آبادپاڪستان

خط پنهنجي سفير طرفان لکيو ويو،ان جو نالو نٿا ٻڌائي سگهون:عمران خان

اسلام آباد:وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته خط اسان جي پنهنجي سفير طرفان لکيو ويو آهي پر ان جو نالو نٿا ٻڌائي سگهون. ڌمڪي ڏيڻ واري ملڪ جو نالو کنيو ته ان جا نتيجا اگرا نڪرندا. ڪالهه وزيراعظم عمران خان ڌمڪي وارو خط سينيئر صحافين کي ڏيکارڻ جو اعلان ڪيو هو، هن اسلام آباد ۾ سينيئر صحافين سان ملاقات ڪئي پر کين خط نه ڏيکاريو. ذريعن موجب ملاقات ۾ اسد عمر ڌمڪي واري خط تي بريفنگ ڏني ۽ خط جا تفصيل شيئر ڪيا. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم ٻڌايو ته خط عسڪري قيادت سان شيئر ڪيو ويو آهي، خط ۾ جيڪا ٻولي استعمال ڪئي وئي، اها ٻڌائي نٿا سگهون. وزيراعظم چيو ته خط تي پارليامينٽ کي ان ڪيمرا بريفنگ ڏينداسين. جڏهن ته اهو خط اسان جي پنهنجي سفير طرفان لکيو ويو آهي، ملڪ جو نالو نٿا ٻڌائي سگهون. خط تي نيشنل سيڪيورٽي قانون لاڳو ٿين ٿا. جڏهن ته خانگي ٽي وي جي اينڪر شهزاد اقبال موجب خط ۾ وزير اعظم جنهن حصي کي ڌمڪي آميز قرار ڏيندي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، اهو بي اعتمادي جي رٿ بابت آهي ته جيڪڏهن رٿ ڪامياب ٿي وئي ته سڀ ڪجهه معاف ٿي ويندو پر عمران خان رهي ٿو ته اسان خوش نه ٿينداسين ۽ پاڪستان لاءِ شيون مشڪل ٿي وينديون. واضح رهي ته 27 مارچ تي اسلام آباد جلسي سان خطاب ڪندي وزيراعظم چيو هو ته ٻاهرئين پئسي سان حڪومت تبديل ڪرڻ جي ڪوشش پئي ٿئي، اسان کي خط لکي ڌمڪي ڏني وئي، مون وٽ خط موجود آهي. ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان جي سربراهي ۾ ٿيل وفاقي ڪابينا جي اجلاس جي اندرين ڪهاڻي سامهون اچي وئي. ذريعن موجب اجلاس ۾ وزيراعظم مبينا سازشي خط تي ڪابينا کي اعتماد ۾ وٺي ڇڏيو آهي ۽ وفاقي ڪابينا وزيراعظم کي مڪمل حمايت جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي. ذريعن موجب ڪابينا ميمبرن چيو ته اسان کي توهان جي قيادت تي يقين آهي، ڪابينا خط کي پاڪستان خلاف سازش قرار ڏئي ڇڏيو، ڪابينا ميمبرن پاران خط تي قومي اسيمبلي جو ان ڪيمرا اجلاس گھرائڻ جي تجويز ڏني وئي. ذريعن موجب وزيراعظم چيو ته هن پنهنجي ذات بدران ملڪي مفاد جي سياست ڪئي، خط جو بي اعتمادي رٿ سان گھرو تعلق آهي. آخري بال تائين کيڏندس، انهن کي گرائونڊ مان ٻاهر ڪڍندس، عوام اسان سان گڏ آهي. ذريعن موجب وزيراعظم چيو ته پرڏيهي سازش تحت چونڊيل حڪومت ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اپوزيشن پرڏيهي عنصرن جي سهولتڪار بڻيل آهي. وزيراعظم چيو ته ايم ڪيو ايم، بي اي پي جي پارلياماني ليڊرز کي اهم ايشو تي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني هئي. ذريعن موجب وزيراعظم ڪابينا اجلاس ۾ اتحادين جي نه اچڻ تي مايوسي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته قومي ايشو تي سنجيدگي جو مظاهرو ڪرڻ گھرجي ها.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button