اسلام آبادپاڪستان

ايم ڪيو ايم حڪومت کان ڌار ٿي وئي،اپوزيشن جو ساٿ ڏيڻ جو اعلان

اسلام آباد :متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان لکت ۾ ٿيل معاهدي تي صحيح ٿيڻ کان پوءِ حڪومتي اتحاد کي الوداع ڪري ڇڏيو، وزيراعظم خلاف بي اعتمادي واري رٿ تي گڏيل اپوزيشن جي ساٿ ڏيڻ جو باضابطا اعلان ڪيو ويو. جڏهن ته گڏيل اپوزيشن وزيراعظم عمران خان کان استيعفا گهرندي چيو آهي ته وزيراعظم استيعفا ڏئي نيون روايتون قائم ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن وزيراعظم استيعفا نٿو ڏي ته اچي اسيمبلي سيشن ۾ بي اعتمادي رٿ جي ووٽنگ ۾ پنهنجي اڪثريت ثابت ڪري. جلد مخالف ڌر ليڊر شهبازشريف ملڪ جو وزيراعظم چونڊجي ويندو، ايم ڪيو ايم سان حقيقي معاهدو طئي ٿي ويو آهي. ڪالهه اسلام آباد ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ايم ڪيو ايم اڳواڻ خالد مقبول صديقي اپوزيشن جي حمايت جو اعلان ڪيو. هن چيو ته اڄوڪو ڏينهن هڪ تاريخي موقعو آهي. متحده اپوزيشن سان اسان جو بي اعتمادي ٺهراءُ تعاون سان مشروط نه هو، اعلان ڪري رهيو آهيان ته ان تبديلي ۾ مخالف ڌر سان گڏ هونداسين. ان موقعي تي مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف جو چوڻ هو ته گذريل رات ايم ڪيو ايم جيڪا ڳالهه ڪئي هئي، اها گهڻي حد تائين پوري ٿي وئي آهي. وزيراعظم کي گهرجي ته هو استعيفيٰ ڏئي، هو پنهنجي عددي طاقت وڃائي چڪو آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو ته ايم ڪيو ايم جو حڪومت کان ڌار ٿيڻ ۽ متحدا اپوزيشن جي حمايت جو فيصلو تاريخي آهي. پ پ ۽ ايم ڪيو ايم کي هر حال ۾ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. بلاول چيو ته ايم ڪيو ايم سان ڳالهيون اڄ کان نه هلي رهيون آهن، پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جي ورڪنگ لاڳاپن جو بي اعتمادي سان ڪو به تعلق ناهي. وزيراعظم عمران خان اڪثريت وڃائي چڪو آهي، استعيفيٰ ڏئي. پريس ڪانفرنس دوران مخالف ڌر اڳواڻ شهبازشريف، پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، جي يو آئي (ف) جو سربراهه مولانا فضل الرحمان، بلوچستان عوامي پارٽي جو سربراهه خالد مگسي، بلوچستان نيشنل پارٽي جو سربراهه اختر مينگل ۽ ايم ڪيو ايم جا اڳواڻ خالد مقبول ۽ ٻيا موجود هئا. ان موقعي تي خالد مقبول صديقي چيو ته هن معاهدي جي ڪائي شق اسان جي سياسي فائدي لاءِ نه آهي پر ملڪ جي مفاد لاءِ آهي. اسان پنهنجن سياسي مفادن تي پاڪستان جي مفادن کي ترجيح ڏني آهي. اڄوڪي ڏينهن تي اسان اهڙِي سياست شروع ڪرڻ چاهيون ٿا جتي ڪنهن کي سياسي انتقام جو نشانو نه بڻايو وڃي. اڄ ڪاميابي کان وڌيڪ امتحان جو ڏينهن آهي. چاهيون ٿا ته سياسي اختلاف ختم ڪري اڳتي وڌون، اڄ قوم امتحان کي منهن ڏئي رهي آهي، جنهن مان گذرڻو آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي شهبازشريف چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ اهم ڏينهن آهي، شايد ڏهاڪن ۾ اهڙو موقعو آيو جڏهن پوري قومي سياسي قيادت هڪ پليٽ فارم تي قومي جرڳي جي صورت ۾ موجود آهي. شهبازشريف چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جا اڳواڻ ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو ملاقات ڪئي ۽ 20 منٽن ۾ معاملا طئي ٿي ويا. هي سچو معاهدو آهي، هي ڪوئي نقلي خط نه آهي. شهبازشريف وزيراعطم عمران خان کان استيعفا جو مطالبو ڪندي چيو ته وزيراعظم استيعفا ڏئي نيون روايتون قائم ڪري سگهي ٿو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪراچي ۽ پاڪستان جي ترقي لاءِ سٺو فيصلو ڪيو آهي. ڪراچي ۽ پاڪستان جي ترقي لاءِ هاڻي گڏجي محنت ڪرڻي آهي. بلاول چيو ته وزيراعطم پنهنجي اڪثريت وڃائي چڪو آهي، تنهنڪري عمران خان استيعفا ڏي. بلاول ڀٽو چيو ته جيڪڏهن وزيراعظم استيعفا نٿو ڏي ته اچي اسيمبلي سيشن ۾ بي اعتمادي رٿ جي ووٽنگ ۾ پنهنجي اڪثريت ثابت ڪري. بلاول ڀٽو چيو ته حڪومت پنهنجي اڪثريت وڃائي چڪي آهي، جلد شهبازشريف ملڪ جو وزيراعظم چونڊيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button