پاڪستانسنڌ

سنڌ جي وحدت ۽ مالڪي جو وڪرو قبول نه ڪيو ويندو: اياز پليجو

حيدرآباد: قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي چيو آھي ته پيپلزپارٽي، نواز ليگ، پي ٽي آ ۽ جي يو آءِ اقتدار خاطر جيڪا به جوڙ توڙ ڪن سندن مرضي آھي پر اقتدار خاطر سودي ۾ سنڌ جي وحدت ۽ مالڪي وڪڻڻ کي سنڌ جو عوام ڪڏھن به قبول نه ڪندو. پيپلزپارٽي اقتدار خاطر ۽ ڪرپشن ڪيسن کان بچڻ لا سنڌ دھشتگردن حوالي ڪري رھي آھي، اياز لطيف پليجي چيو ته عمران خان ۽ مخالف ڌر اقتدار جي جنگ ۾ سنڌ کي قرباني جو ٻڪرو بنائي ڇڏيو آھي.

عمران خان پنهنجي حڪومت کي مرڪز ۾ بچائڻ لاءِ پنجاب جي صوبائي حڪومت پرويز الاھي حوالي ڪرڻ کانپوءِ ايم ڪيو ايم کي سنڌ حوالي ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ته پيپلزپارٽي به وفاقي حڪومت خلاف بي اعتمادي رٿ ۾ ايتري ته انڌي ٿي وئي آهي جو سنڌ دشمنن کي اقتدار ۾ حصيدار ڪري ڇڏيو آھي، سنڌ جا وسيلا سنڌ دشمنن حوالي ڪيا ويا آھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button