پاڪستانسنڌ

ٽنڊوباگو لڳ تيزرفتار ڪار جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، زال ۽ مڙس فوت

ٽنڊوباگو/بدين: ٽنڊوباگو-بدين روڊ تي تيزرفتار ڪار جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، زال ۽ مڙس فوت ٿي ويا، ڌي زخمي ٿي پئي. خبر موجب ٽنڊوباگو شهر جا رهواسي نور محمد خاصخيلي، سندس گهرواري غلام سڪينا خاصخيلي ۽ سندن نوجوان نياڻي سبرينا خاصخيلي موٽرسائيڪل تي علاج سانگي بدين وڃي رهيا هئا ته ٽنڊوباگو-بدين روڊ تي هڏاڇڙ شاخ ڀرسان بدين کان ايندڙ تيزرفتار ڪار سان ٽڪر ٿيڻ جي ڪري نور محمد خاصخيلي ۽ سندس زال غلام سڪينا خاصخيلي موقعي تي فوت ٿي ويا.

جڏهن ته سندن نوجوان نياڻي سبرينا خاصخيلي سخت زخمي ٿي پئي. فوتي زال مڙس جي لاشن ۽ زخمي ناري کي تعلقه اسپتال ٽنڊوباگو پهچايو ويو. جتان ڳڻتي جوڳي حالت هجڻ سبب زخمي سبرينا خاصخيلي کي حيدرآباد روانو ڪيو ويو آھي. پوليس موجب حادثي جو ذميوار ڪار ڊرائيور علي نواز اڍيجو پڻ زخمي آهي، جنهن خلاف رپورٽ داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button