پاڪستانسنڌ

ناظم جوکيو ڪيس: بيواهه مڙس جو قتل معاف ڪري ڇڏيو

ٺٽو: شھيد ناظم جوکيو ڪيس جو ڊراپ سين، بيواھه شيرين جوکيو ڪيس جي جوابدارن ڄام عبدالڪريم ۽ ڄام اويس گھرام کي معاف ڪرڻ واري وڊيو وائرل، ھاءِ ڪورٽ ۾ شيرين جوکيو فيملي سان گڏ دستاويز جمع ڪرائي ڇڏيا، ضمانت لاءِ ڪيس ۾ راهه ھموار ٿيڻ جا امڪان، 5 مھينا اڳ ۾ ڪوھستاني پٽي ۾ عرب شھزادن کي پکين جي شڪار تان منع ڪرڻ تي ڌاٻيچي جي نوجوان ناظم جوکيو کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو ھو، جنھن ڪيس ۾ پ پ ايم اين اي ڄام عبدالڪريم جوکيو ۽ ايم پي اي ڄام اويس گھرام جوکيو سميت 5 ڄڻن تي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو ھو، جنھن ۾ ڄام عبدالڪريم جوکيو ٻاھر ملڪ حفاظتي ضمانت تي ويل ھو، جڏھن ته ڄام اويس گھرام جوکيو کي عدالتي فيصلي بعد گرفتار ڪيو ويو ھو، 5 مھينن بعد شھيد ماحوليات شھيد ناظم جوکيو جي وني شيرين جوکيو پاڻمرادو ھڪ وڊيو بيان جاري ڪندي شھيد ناظم جوکيو ڪيس تان ھٿ کڻندي چيو آھي ته مان گهڻي مجبور آهيان، گهر وارن منهنجو ساٿ ڇڏي ڏنو، پنهنجي ٻارڙن جي خاطر ڪيس تان هٿ کڻي رهي آهيان.

مون تي منھنجي شھيد مڙس ناظم جوکيو جي قتل ڪيس تان ھٿ کڻڻ لا ڪنھن جو دٻاءُ يا پريشر ناھي پر مون پنھنجي معصوم ٻارڙن جو مستقبل سنوارڻ ۽ پنھنجي زندگي سڪون سان گذارڻ لاءِ اھڙو فيصلو ڪيو آھي، مون الله پاڪ کي حاضر ناظر ڄاڻائي ان ڪيس جو فيصلو ان جي عدالت ۾ ڇڏي ڏنو آھي، جيڪو مون سان ضرور انصاف ڪندو. ملڪ ۾ انصاف ملڻ مشڪل آھي، انصاف اللہ پاڪ تي ڇڏيان ٿي. منھنجا معصوم ٻارڙا آھن، مون کي خبر آھي ته مون تي ڇا پئي گذري. ھن چيو ته ھو ميڊيا سميت سمورن ماڻھن جي پڻ ٿورائتي آھيان، جن منهنجو ساٿ ڏنو. بيواھه شيرين جوکيو پاران پنھنجي شھيد مڙس جي قتل ڪيس تان ھٿ کڻڻ بعد ھاڻي ڄام عبدالڪريم جوکيو جا ٻاھرين ملڪ کان پنھنجي ملڪ اچڻ جا امڪان چٽا ظاھر ٿيڻ سميت سمورن ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي آزادي پڻ جلد ممڪن ٿي ويئي آھي. هوڏانهن ذريعن موجب ٻڌايو پيو وڃي تي ايم اين اي ڄام عبدالڪريم جوکيو ۽ ايم پي اي ڄام اويس گھرام جوکيو جي وارثن ۽ رشتيدارن پاران شھيد ناظم جوکيو جي بيواھه شيرين جوکيو سان ملاقات ڪئي وئي ھئي، جنھن بعد بيواھه شيرين جوکيو اھڙو وڊيو بيان جاري ڪري پنھنجي قتل ٿي ويل مڙس شھيد ناظم جوکيو جي ھاءِ پروفائيل قتل ڪيس تان ھٿ کڻي ڇڏيو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button