اسلام آبادپاڪستان

اپوزيشن نئين وزيراعظم جي چونڊ لاءِ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي

اسلام آباد :مخالف ڌر قومي اسيمبلي جي اجلاس جي ايجنڊا ۾ نئين وزيراعظم جي چونڊ کي شامل ڪرڻ جي درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي. مخالف ڌر جو وفد قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي چيمبر ۾ پهتو پر اسپيڪر اسد قيصر چيمبر ۾ موجود نه هو. مخالف ڌر ايڊيشنل سيڪريٽري محمد مشتاق کي درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي، جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته نئين وزيراعظم جي چونڊ کي قومي اسيمبلي جي اجلاس جي ايجنڊا ۾ شامل ڪيو وڃي. درخواست اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي صحيح سان جمع ڪرائي وئي. ضابطن موجب جڏهن وزيراعظم جو عهدو خالي ٿئي ٿو ته اسيمبلي نئين وزيراعظم جي چونڊ ڪندي آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ان ايجنڊا کي آرڊر آف دي ڊي ۾ شامل ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button