اسلام آبادپاڪستان

ڪرونا وگهي وڌيڪ 244 مريض رپورٽ، 6 ماڻهو فوت

اسلام آباد : پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ 6 ماڻهو فوت ۽ 244 ڪيس رپورٽ ٿيا. اين سي او سي جي انگن اکرن مطابق پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪرونا وائرس جا وڌيڪ 244 ڪيس ظاهر ٿيا آهن، وڌيڪ 126 مريض صحتياب ٿيا. پاڪستان ۾ هن وقت تائين 30 هزار 355 ڪرونا وائرس جا مريض لاڏاڻو ڪري چڪا آهن. ڪل مريضن جو انگ 15 لک 24 هزار 793 ٿي چڪو آهي. ملڪ ۾ اسپتالن، قرنطينا سينٽرز، وينٽِي ليٽرز ۽ گهرن ۾ ڪرونا وائرس جا 8 هزار 703 علاج هيٺ آهن، انهن مريضن مان 439 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. گذريل 24 ڪلاڪن م ملڪ ۾ وڌيڪ 29 هزار 625 ٽيسٽون ڪيون ويون. سنڌ ۾ ڪرونا وائرس جي مريضن جو انگ 5 لک 75 هزار 257 ٿي چڪو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button