اسلام آبادپاڪستان

خط پاڪستان جي معاملن ۾ مداخلت آهي،سفارتي جواب ڏنو ويندو:سلامتي ڪميٽي

اسلام آباد : قومي سلامتي ڪميٽي ڌمڪي مليل خط ۾ پرڏيهي عهديدار پاران استعمال ڪيل ٻولي کي غير سفارتي قرار ڏئي ڇڏيو.قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس جي پڌرائي جاري ڪئي وئي، جنهن موجب قومي سلامتي ڪميٽي جو 37 هون اجلاس وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ بچاءَ، توانائي، اطلاعات،گھرو، ناڻي، انساني حقن، رٿابندي ۽ ترقي بابت وفاقي وزيرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، سروسز چيفس، قومي سلامتي بابت خاص مددگار سميت سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. قومي سلامتي ڪميٽي کي پاڪستاني سفير سان پرڏيهي اعليٰ عهديدار جي باضابطا ڪميونيڪيشن کان آگاهه ڪيو ويو.پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته قومي سلامتي ڪميٽي پرڏيهي سفارتڪار جي استعمال ڪيل ٻولي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پرڏيهي خط پاڪستان جي اندرين معاملن ۾ کليل مداخلت جي برابر آهي. پاڪستان جي اندرين معاملن ۾ ڪنهن به طرح جي مداخلت برداشت نه ڪرڻ جوڳي ۽ اندروني معاملن ۾ مداخلت ڪنهن به صورت ۾ قبولڻ جوڳي ناهي. پڌرائي موجب پرڏيهي آفيشل جي استعمال ڪيل ٻولي غير سفارتي آهي، سفارتي ادبن کي نظر ۾ رکندي لاڳاپيل ملڪ سان سخت احتجاج ڪيو ويندو ۽ پرڏيهي خط جو جواب سفارتي ادبن کي نظر ۾ رکندي ڏنو ويندو. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته لاڳاپيل ملڪ کي اسلام آباد ۽ ان جي راڄڌاني ۾ سخت احتجاجي خط ڏنو ويندو. جڏهن ته خط باضابطا چينل جي ذريعي جاري ڪيو ويندو. ياد رهي ته 27 مارچ تي اسلام آباد ۾ جلسي عام کي خطاب ۾ وزيراعظم عمران خان خط لوڏيو ۽ چيو هو ته ملڪ ۾ ٻاهرئين پيسن جي مدد سان حڪومت تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اسان کي لکي ڌمڪي ڏني وئي، مون وٽ خط آهي ۽ اهو ثبوت آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button