اسلام آبادپاڪستان

قومي اسيمبلي جو اجلاس بي اعتمادي رٿ تي بحث بنا 3 اپريل تائين ملتوي

اسلام آباد :قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ وزيراعظم خلاف بي اعتمادي واري رٿ تي ووٽنگ نه ٿي ۽ اجلاس 3 اپريل تائين ملتوي ڪيو ويو.قومي اسيمبلي جو اهم اجلاس سوا ڪلاڪ دير سان ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي صدارت هيٺ شروع ٿيو پر بي اعتمادي رٿ تي ڪالهه به ووٽنگ نه ٿي ۽ اجلاس آچر جي صبح ساڍي 11هين وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو. قومي اسيمبلي جي اجلاس جي ايجنڊا ۾ وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ تي بحث به شامل هو ۽ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف کي بحث شروع ڪرڻو هو. وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم عمران خان ايوان جو اعتماد وڃائي چڪو آهي، عمران خان هاڻ وزرات عظميٰ جي عهدي تي نٿو رهي سگهي. اجلاس دوران سوالن واري وقفي تي هڪ ميمبر اٿي بيهي سوال ڪيو ته اسپيڪر عدم اعتماد تي ووٽنگ ڪڏهن ڪرائيندا. ان دوران ٻين ميمبرن به ووٽنگ ڪڏهن ڪرائيندا جو ورجا ڪيو. ان تي ڊپٽي اسپيڪر چيو ته ڪو به ميمبر سنجيدا نه پيو وٺي، ان ڪري اجلاس 3 اپريل آچر تائين ملتوي ڪيو وڃي ٿو. اجلاس ختم ٿيڻ وقت اپوزيشن وزيراعظم خلاف نعريبازي ڪئي. جڏهن ته اجلاس ختم ٿيڻ باوجود آصف علي زرداري، شهباز شريف، بلاول ڀٽو سميت 150 ميمبر ويٺل رهيا ۽ مطالبو ڪيو ته ووٽنگ ڪرائي وڃي. ان کانپو مميبر نعرا هڻندا ٻاهر نڪري آيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button