پاڪستانسنڌ

مسوڀرڳڙي ۾ خريداري مرڪز نه کليو، آبادگار سستي ڪڻڪ وڪڻڻ تي مجبور

مسوڀرڳڙي: مسوڀرڳڙي ۾ ڪڻڪ خريداري جو مرڪز نه کلي سگھيو، آبادگار سستي اگھه تي ڪڻڪ وڪڻڻ تي مجبور بڻيل، ٻئي طرف ٽنڊو ڄام فوڊ سينٽرن جي انچارج فوڊ انسپيڪٽرن پاران مقامي ۽ ننڍن زميندارن کي باردانو ڏيڻ بدران مقامي ۽ من پسند واپارين کي ڪميشن عيوض باردانو ڏنو پيو وڃي.

جنهن ڪري مقامي ۽ ننڍن زميندارن کي ڪڻڪ وڪڻڻ ۾ سخت مشڪلاتون پيش اچي رهيون آھن، هتان جي سڄاڻ ڌرين ٽنڊوڄام مرڪز جي فوڊ انسپيڪٽرن جي اهڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي سيڪريٽري فوڊز، نيب، اينٽي ڪرپشن ۽ ٻين قانوني ادارن کان مطالبو ڪيو آهي ته مسوڀرڳڙي ۾ ڪڻڪ خريداري جي انچارج فوڊ انسپيڪٽرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري مقامي ۽ ننڍن آبادگارن سان انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button