پاڪستانسنڌ

تلهار ۾ پي ايس ٽي پاس 117 اميدوارن کي آفرآرڊر ڏنا ويا

تلھار: تلھار جي گورنمينٽ بوائز ھا اسڪول ۾ پي ايس ٽي پاس 117 اميدوارن کي ڊي اي او بدين ۽ ٽي اي اوز پاران آفرآرڊر ڏيڻ لا ھڪ پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ مھمان خاص پي ايس 71 جو پي پي ايم پي اي مير الھه بخش ٽالپر ھو. تقريب ۾ ھيڊماستر نور محمد کٽي، آپا ممتاز جمالي، نور احمد چانڊيو، انور پارابي، منير چانگ، محمد صالح ڪوريجو ۽ ٻين شرڪت ڪري آفرآرڊر اميدوارن ۾ ورهايا.

تقريب ۾ پي ايس ٽي پاس 117 ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي پي پي ايم پي مير الھه بخش ٽالپر، پي پي تعلقه صدر نياز محمد لاشاري، پي پي يوٿ ونگ اڳواڻ پير محفوظ شاھه قادري، پي پي اڳواڻ منتظر عباس رضوي، پي پي ليڊيز ونگ تعلقه صدر زاھده ڪنڀار، شرف النسا جوڻيجو، ھٿان آفر آرڊر ورهايا ويا. ان موقعي تي پي پي ايم پي اي خطاب ڪندي چيو ته اسان کي فخر آھي ته اھو ڪم پي پي جي حڪومت جي ھٿان ٿيو، تلھار تعلقي ۾ سڀني ديھن ۽ ڳوٺن مان پي ايس ٽي امتحان ۾ اميدوار پاس ٿيا آھن ۽ اھا انھن جي صلاحيت آھي جو اھي ميرٽ جي بنياد تي پاس ٿيا آھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button