پاڪستانسنڌ

حيدرآباد ۽ ميرپورخاص جي تعليمي بورڊن جي انتظاميا خلاف مظاهرا

حيدرآباد: نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي امتحانن لا فيون وٺڻ تي حيدرآباد ۽ ميرپورخاص جي تعليمي بورڊن جي انتظاميا خلاف ڪالهه مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، ان سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ گورنمينٽ مجيد درباري اسڪول پريٽ آباد ۽ گورنمينٽ اسڪول مرزا قليچ بيگ جي شاگردن حيدرآباد پريس ڪلب سامهون شايان علي، عباس علي، ارباز، ذوالفقار علي، عمير علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته تعليمي بورڊ ۾ فيسن وڌائڻ وارو سلسلو فوري طور تي بند ڪيو وڃي، جڏهن ته نائين ۽ ڏهين ڪلاس جون فسيون وڌايون ويون آهن، جيڪي غريب شاگردن لاءِ وڏو عذاب بڻجي ويو آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته وڌايل فيسون رد ڪري شاگردن سان انصاف ڪيو وڃي ته جيئن غريب شاگرد تعليم پرائي سگهن. ڪڍڻ ۾ حيدرآباد بورڊ پاران امتحان جي ڳري فيس مقرر ڪرڻ خلاف استاد تنظيم گسٽا جي اڳواڻن استاد اياز علي خواجا، ولي محمد چانڊيو، اڪبر ملاح ۽ سوين شاگردن گورنمينٽ هاءِ اسڪول کان ريلي ڪڍي عوامي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو ھڻي ڪڍڻ-بدين روڊ بند ڪري ڇڏيو. صوفي فقير جي گورنمنٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول ۾ ميرپورخاص بورڊ طرفان نائين ۽ ڏھين ڪلاس جي فيس وڌائڻ خلاف شاگردن پاران ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي پون ميگھواڙ، ونود ڪمار، اشفاق علي، اشوڪ ڪمار ۽ ٻين چيو ته ميرپورخاص تعليمي بورڊ طرفان امتحاني فيس جيڪا پھرين 100 روپيا ھئي، ان مان وڌائي 2500 روپيا مقرر ڪئي ويئي آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button