پاڪستانسنڌ

هوسڙي لڳ ڳوٺ کي باهه، 3 پورهيتن جا گهر سڙي رک

ھوسڙي: ھوسڙي ويجهو يوسي سنھوار جي ڳوٺ الھجڙيو شورو ۾ 3 پورھيتن جي گھرن کي چلھه مان چڻنگ لڳي وئي ۽ گھرن کي اچانڪ باھه وڪوڙي وئي. باھه جا شعلا ڏسي ڳوٺاڻا پھچي باھه وسائڻ جي ڪوشش ڪئي پر باھه تي فوري ضابطو آڻي نه سگھيا، باهه ۾ پورھيت دلدار شورو، جڙيو شورو ۽ عزيز شورو جا ڪکاوان گھر سڙي رک ٿي ويا ۽ گھرن ۾ پيل ھنڌ، بسترا، پيتيون ۽ کٽون پڻ سڙي رک ٿي ويون آھن. متاثر پورھيتن ڪمشنر حيدرآباد سميت اعليٰ اختيارين کي فوري مدد جي اپيل ڪئي آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button