اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان عهدي تان استعيفا ڏيڻ کان انڪار ڪندي چيو آهي ته آچر ڏينهن بي اعتمادي واري رٿ تي ووٽنگ ۾ خبر پئجي ويندي ته ملڪ ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي. فيصلو ڪهڙو به ٿئي، آئون طاقتور ٿي واپس موٽندس، استعيفيٰ نه ڏيندس، آخري بال تائين مقابلو ڪندس. مون کي ڌمڪي وارو خط آمريڪا لکيو آهي. اسان جي قانوني نظام ۾ طاقتور کي قابو ۾ آڻڻ جي سگهه ناهي. ڪالهه قوم کي ڪيل پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته خودداري هڪ آزاد قوم جي نشاني هوندي آهي، جتي انصاف ناهي هوندو، اها قوم تباهه ٿي ويندي آهي. مسلمان قوم غلام نٿي بڻجي سگهي، الله اسان کي اشرف المخلوقات بڻايو آهي. هن چيو ته مون سدائين اهو چيو ته ڪنهن جي اڳيان نه جهڪندس نه قوم کي جهڪڻ ڏيندس. نائن اليون ۾ ڪو پاڪستاني ملوث نه هو، ڪنهن جي جنگ ۾ پاڪستانين کي ڇو قربان ڪيون؟ هن چيو ته 7 يا 8 مارچ تي اسان کي آمريڪا (هڪ ملڪ) مان پيغام آيو آهي. ان کي اڳ ئي خبر هئي ته بي اعتمادي اچي رهي آهي، جنهن سان ظاهر آهي ته اپوزيشن جا اڳ ئي ٻاهر جي ماڻهن سان رابطا هئا، اهو پاڪستان جي حڪومت نه پر عمران خان خلاف آهي. اهي چون ٿا ته جيڪڏهن عمران خان هليو وڃي ته اسان پاڪستان کي معاف ڪري ڇڏينداسين. وزيراعظم چيو ته مان چُپ نه ويهندس، مون کي پرچي يا وراثت ۾ وزارت ناهي ملي، جدوجهد ڪري هتي پهتو آهيان، مقابلو ڪندس. هن قوم سان غداري ٿي رهي آهي. چونڊيل جمهوري حڪومت کي ڪيرائڻ ۽ ملڪ ۽ قوم جي خودمختياري جي خلاف سازش کي ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندس. قوم سازش ڪندڙ ۽ انهن جو ساٿ ڏيندڙن کي نه وساريندي ۽ نه ئي وري کين معاف ڪندي. ضمير فروش ۽ ملڪ جو سودو ڪندڙ موجُوده دور جا مير جعفر ۽ مير صادق آهن، ملڪ جي اندر ۽ ٻاهر موجود ڪجهه ماڻهو ۽ لنڊن ۾ ويٺل مفرور جمهوري حڪومت خلاف سازش جو حصو آهي. هڪ ملڪ پاران ڌمڪي آميز پيغام 22 ڪروڙ عوام جي خلاف آهي، قومي سلامتي ۽ قوم جي خودداري تي ڪو به ٺاهه نه ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته هو پاڪستان جي عوام کان ملڪ جي مستقبل جي باري ۾ اهم ڳالهه ڪرڻ لاءِ خطاب ڪري رهيو آهيان، ان لاءِ هن رڪارڊنگ جي بدران سڌو سنئون خطاب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان هن وقت هڪ فيصلائتي موڙ تي آهي، اسان جي سامهون ٻه رستا آهن، ٻن مان اسان کي هڪ رستي جي چونڊ ڪرڻي آهي. وزيراعظم عمران خان ڌمڪي واري خط جو ذڪر ڪندي چيو ته مون ملڪي مفاد لاءِ آزاداڻي پرڏيهي پاليسي جو بنياد رکيو. آزاد پرڏيهي پاليسي جو مقصد ڪنهن ملڪ جي خلاف وڃڻ نه هو پر 7 مارچ تي اسان کي هڪ ملڪ (آمريڪا) پاران ڌمڪي وارو پيغام مليو، بي اعتمادي رٿ جو ان ملڪ جي عملدارن کي پهرين ئي پتو هو. پيغام ۾ بي اعتمادي رٿ هر صورت ۾ ڪامياب ڪرائڻ جو چيو ويو. پيغام ۾ چيو ويو ته عمران خان کانسواءِ ڪنهن سان ڪو به مسئلو نه آهي، بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿيڻ جي صورت ۾ سڀ ٺيڪ ٿي ويندو پر بي اعتمادي رٿ جي ناڪامي جي صورت ۾ سنگين نتيجن جي ڌمڪي ڏني وئي. وزيراعظم چيو ته ملڪ اندر ۽ ٻاهر موجود ڪجهه ماڻهو ان سازش جو حصو آهن، لنڊن ۾ ويـٺل مفرور ماڻهو به ان سازش جو حصو آهي. هن ٻڌايو ته قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڌمڪي واري خط جي معاملي تي عسڪري قيادت سميت سڀني سان تفصيلي مشاورت ٿي. پوري قوم ڪرپٽ ٽولي جي سياست جو تماشو ڏسي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته ماضي جي حڪمرانن قوم کي گمراهه ڪيو، پاڪستانين کي دنيا ۾ جيلن ۾ وڌو ويو، ڪنهن اڳوڻي حڪمران انهن جي آزادي جي ڳالهه نه ڪئي، ترقي يافته ملڪن ۾ قانون سڀني لاءِ برابر آهي. بدقسمتي سان پاڪستان ۾ طاقتور ۽ ڪمزور لاءِ ڌار ڌار قانون آهي. وزيراعظم چيو ته شريف خاندانن مشرف دور ۾ اين آر او وٺي اربين روپين جا ڪيسز معاف ڪرايا، مون کي مخالف ڌر ۾ شامل ڪرپٽ ماڻهن جي اربين روپين جو پتو آهي. ٽن ڄڻن جو ڪرپٽ ٽولو ٻاهرين آقائن کي تمام گهڻو پسند آهي، ڪرپٽ ٽولو خودداري جي ڳالهه نٿو ڪري سگهي انهن جا اربين روپيا ٻاهر پيا آهن. نواز ۽ زرداري دور ۾ ملڪ تي 400 ڊرون حملا ٿيا، ڊرون حملن ۾ هزارين معصوم جانيون ويون. وزيراعظم وڪي ليڪس جو ذڪر ڪندي چيو ته فضل الرحمان ان وقت جي آمريڪي سفير کي چيو ته موقعو ڏيو آئون به توهان جي خدمت ڪري سگهان ٿو. هن چيو ته ڊان ليڪس ۾ نواز شريف ڀارت کي فوج جي خلاف پيغام ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. وزيراعظم چيو ته آصف زرداري آمريڪا کي چوندو رهيو ته ڊرون حملن ۾ ماڻهو مرن ٿا ته مرن ڪو به فرق نٿو پوي. شهباز شريف چيو ته عمران خان ايبسليوٽلي ناٽ ڇو چيو، وزيراعظم پنهنجي خطاب جي آغاز ۾ چيو ته هو قوم کي ٻڌائڻ چاهي ٿو ته سياست ۾ ڇو آيس، هن ننڍي کنڊ جي تاريخ جو حوالو ڏيندي چيو ته آئون سياست جو طالب علم رهيو آهيان، پوري دنيا جي سياست پڙهي، باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي ننڍي کنڊ ۾ وڏي اهميت هئي، سياست ۾ قائداعظم جهڙو عظيم اڳواڻ منهنجو آئيڊل آهي، هو بيماري جي حالت ۾ به پاڪستان جو ڪيس وڙهندو رهيو. وزيراعظم چيو ته مون وٽ الله جو ڏنل سڀ ڪجهه آهي، شهرت آهي، پسئو آهي، منهنجا والدين هڪ غلام ملڪ ۾ پيدا ٿيا پر هو مون کي آزاد ملڪ ۾ پيدا ٿيڻ تي خوش قسمت قرار ڏيندا هئا. هن چيو ته مون اوڀر ۽ اولهندي معاشرن کي چڱي ريت ڏٺو آهي، نائين اليون ۾ ڪو به پاڪستاني ملوث نه هو، اسان سدائين دهشتگردي جي خلاف رهيا آهن، اسان کي آمريڪي جنگ جو حصيدار نه بڻجڻ گهربو هو. هن چيو ته 80ع جي ڏهاڪي کان پاڪستان آمريڪي جنگين جو حصو بڻجندو رهيو، آمريڪي جنگ جي ڪري 80 هزار پاڪستانين پاران قربان ٿيون، پاڪستان جو قبائلي علائقو ملڪ جو سڀ کان پرامن علائقو هو. اندازو نٿو ڪري سگهجي ته آمريڪي جنگ جي ڪري قبائلين تي ڇا وهيو واپريو، سادن ماڻهن کي ٻڌايو ويو ته سوويت يونين جي خلاف جنگ جهاد آهي، قبائلي عوام ملڪ جي لاءِ سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون، آمريڪي جنگ ۾ ايتريون قربانيون ڏيڻ جي باوجود پاڪستان کي ڪهڙو صلو مليو؟ هن چيو ته آمريڪي ڊرون حملن ۾ ڪيتريون ئي بي گناهه جانيون ويون، آئون سدائين آمريڪي جنگ ۾ شريڪ ٿيڻ جو مخالف رهيو آهيان. مون آمريڪي جنگ جي خلاف مظاهرن ۾ ڀرپور حصو ورتو، افغان جهاد ختم ٿيندي ئي آمريڪا پاڪستان تي پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون، اسان جون اڳوڻيون حڪومتون آمريڪي جنگ ۾ شرڪت جي ڏوهه ۾ برابر جون شريڪ رهيون.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close