اسلام آبادپاڪستان

پرڏيهي سازش ۾ ميڊيا جا سينيئر ماڻهو به ملوث آهن:فواد چوڌري

اسلام آباد : سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري الزام مڙهيو آهي ته هاڻوڪي اپوزيشن حڪومت کي تبديل ڪرڻ جي پرڏيهي سازش ۾ شامل آهي ۽ اپوزيشن جا ڪجهه اڳواڻ ٻاهرين طاقتن کان هدايتون وٺي رهيا آهن. ڪالهه اسلام آباد ۾ وفاقي وزير حماد اظهر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري جو چوڻ هو ته مبينا ڌمڪي ملڻ واري خط کي نيشنل سيڪيورٽي ۾ آندو ويو آهي ۽ پارليامينٽ جي ڪميٽي جو اجلاس به گهرايو ويو آهي. هن چيو ته ان سازش ۾ اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف ملوث آهي. سازش لنڊن ۾ نواز شريف جي رهائشگاهه کان شروع ٿي، جنهن ۾ ميڊيا جا سينيئر ماڻهو به ملوث آهن. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم استعيفيٰ نه ڏيندو، آخري بال تائين کيڏندو. وفاقي وزير حماد اظهر چيو ته اڄ ڪلهه جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهي پاڪستاني سياسي تاريخ جا ڪارا ڏينهن آهنز فواد چوڌري چيو آهي ته آئيني طور تي حڪومت جي تبديلي ۾ ڪوئي حرج نه آهي، حڪومت جي تبديلي ۾ پرڏيهي سازش کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، سازش ۾ اپوزيشن جا سمورا ماڻهو ملوث ناهن، پر سازش ۾ سياسي ڪردارن کان علاوه ميڊيا جا ڪجهه ماڻهو به شامل آهن. عمران خان آخري بال تائين مقابلو ڪندڙ رانديگر آهي، مير جعفر ۽ مير صادق جهڙن ڪردارن سان ايسٽ انڊيا ڪمپني پنهنجا پير پختا ڪيا. اسان ڪڏهن به ملڪي حاڪميت تي ڪائي سوديبازي نه ڪنداسين. فواد چوڌري چيو ته وزيراعطم جي سياسي ڪميٽي جي اجلاس ۾ مستقبل جو لائحه عمل جوڙيو ويو ۽ اسان 3 فيصلا ڪيا آهن. هن چيو ته سڀ کان پهريان اعتراض جوڳا دستاويز ٻاهرين ملڪ مان پاڪستان کي فراهم ڪيا ويا جنهن ۾ واضح طور تي حڪومت کي تبديل ڪرڻ جو اشارو ۽ ڌمڪي ڏني وئي. فواد چوڌري چيو ته اسان جي کوڙ سارن اسيمبلي ميمبرن کي به نه خبر هجي تنهنڪري مان پنهنجي اسيمبلي ميمبر جيڪي پي ٽي آئي مان هوڏانهن ويا آهن، انهن کي چوڻ چاهيان ٿو ته پنهنجو فيصلو روڪي وٺو. هن چيو ته اسان هي نتيجو ڪڍڻ تي مجبور آهيون ته عمران خان کي هٽائڻ جي سازش هڪ بين الاقوامي حڪومت جي خواهش تي ترتيب ڏني وئي. هن چيو ته ان ۾ اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف جنهن جون ملاقاتون ڀارت جي ماڻهن، اسرائيل جي سفارتڪارن کان لڪل نه آهن. فواد چوڌري چيو ته هي هڪ اهڙِي سازش آهي جنهن ۾ پاڪستان جي ميڊيا جا ڪجهه سينيئر ماڻهو به شامل آهن. هدايتون ڪٿان آيون پر سازش نوازشريف جي اپارٽمينٽ کان شروع ٿي ۽ هتي اچي ختم ٿي رهي آهي. هن چيو ته اسان مان ڪنهن کي نه استيعفا جي توقع آهي نه استيعفا ڏيڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي حماد اظهر چيو ته هي جيڪو خط حڪومت کي مليو آهي اهو چيف جسٽس کي ڏيکارڻ جي آچ ڪئي وئي آهي ۽ وفاقي ڪابينا کي خلاصو ٻڌايو ويو آهي. هن چيو ته هي خط پڙهڻ کان پوءِ واضح آهي ته پاڪستان ۾ حڪومت تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ٻاهرين طاقت طرفان ڪئي وئي آهي. حماد اظهر چيو ته ٻاهرين قوت ان تي به مطمئن آهي ته جيڪڏهن پاڪستان ۾ حڪومت تبديل ٿئي ٿي ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي تبديل ٿيندي مطلب ان جو ان پرڏيهي پاليسي تي هڪ ڪنٽرول واپس ايندو. ان مان لڳي اهو ئي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button