اسلام آبادپاڪستان

وزيراعظم جي سيڪيورٽي سخت،قاتلاڻي حملي جي رپورٽ ملي آهي:فواد چوڌري

اسلام آباد : سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته سيڪيورٽي ايجنسين رپورٽ ڪيو آهي ته وزيراعظم عمران خان تي حملي جو پلان سامهون آيو آهي. فواد چوڌري پاران سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم عمران خان جي سيڪيورٽي بابت آگاهه ڪيو آهي. فواد چوڌري ٽوئيٽر تي ٻڌايو ته سيڪيورٽي ايجنسين رپورٽ ڪيو ته وزيراعظم عمران خان تي حملي جو پلان سامهون آيو آهي. ايجنسين جي رپورٽس کان پوءِ حڪومتي فيصلي مطابق وزيراعظم جي سيڪيورٽي ۾ اضافو ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته ٻه ڏينهن اڳ پي ٽي آئي جي اڳواڻ فيصل واوڊا به دعوي ڪئي هئي ته وزيراعظم عمران خان جي حياتي کي خطرو آهي، سندس قتل جي رٿابندي ڪئي پئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button