پاڪستانسنڌ

عمرڪوٽ ۾ ڌمڪيون ملڻ خلاف ڳوٺاڻن جو مظاهرو

عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ويجهو ڳوٺ صوفي فقير ۾ 3 مهينا اڳ فيصلي ۾ ڀاڻيجي ھٿان گولي لڳڻ سبب قتل ٿيل مامي رمضان بنگلاڻي جي وارثن جوابدران خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب اڳيان نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي سلمان پٽ رمضان بنگلاڻي، رضوان پٽ رمضان، عمران پٽ رمضان ۽ مقتول رمضان بنگلاڻي جي بيوهه توڙي ٻين احتجاج ڪندي چيو ته 3 مهينا اڳ ڳوٺ جي بااثرن هلندڙ فيصلي ۾ سڌي فائرنگ ڪري اسان جي بابا رمضان بنگلاڻي کي ناحق قتل ڪيو، جنهن جو ڪيس اسان صوفي فقير ٿاڻي تي داخل ڪرايو آهي، پوليس ڪارروائي ڪري جوابدار گرفتار ڪيا هئا، هاڻ جوابدار ۽ انهن جا ڪجهه ماڻهو هٿيارن جي زور تي اسان جي زمين تي قبضو ڪري ويٺل آهن، اسان کي زمين تان بيٺل فصل به نٿا لڻن ڏين جوابدار ڌمڪيون ڏين پيا. هنن ڊي آئي جي ميرپورخاص ۽ ايس ايس پي عمرڪوٽ کان مطالبو ڪيو ته اسان سان ٿيندڙ زياديتن جو نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button