پاڪستانسنڌ

لمس اسپتال جي نرسن نصيب النسا ۽ بلقيس کي رٽائر ٿين تي آجياڻو، ڀيٽا پيش

أحيدرآباد: حيدرآباد جي لمس اسپتال جي اسٽاف نرسن بلقيس ۽ نصيب النسا جي رٽائر ٿيڻ تي اسپتال انتظاميا طرفان سندن مان ۾ آجياڻي واري تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ کين ڀيٽا پيش ڪئي وئي. جنهن کي خطاب ڪندي ڊائريڪٽر ايڊمن عبدالستار جتوئي چيو ته نرسنگ ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف اسپتال جو لازمي حصو آهن، اسپتال جي ڪاڪردگي جو دارومدار ٽيم ورڪ تي آهي، اسپتال ۾ بنا ڪنهن فرق جي سمورن مريضن جو بهتر علاج ڪيو پيو وڃي. تقريب ۾ اي ايم ايس ڊاڪٽر شوڪت لاکو، آر ايم او جنرل ڊاڪٽر فيصل ميمڻ، آر ايم او ٽريننگ ڊاڪٽر ظفر راجپوت، چيف نرسنگ سپرنٽينڊنٽ رشيده بانو، ڊاڪٽرن، نرسن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي ملازمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button