پاڪستانسنڌ

فريدآباد ۾ مختلف ڳوٺن جي بجلي ڪاٽڻ خلاف مظاهرو، ڌرڻو

فريدآباد: فريدآباد ۾ ٽن ڳوٺن جي بجليءَ ڪاٽڻ خلاف مختلف ڳوٺن سيدپور، ميرپور، قائم جتوئي ۽ چولي خان ڏيپر جي رھواسين فدا حسين چانڊيو، تاج محمد چانڊيو، سڪندر چانڊيو، عمران علي، عبدالوحيد، خادم حسين، درمحمد، ضمير حسين الطاف خاصخيلي ۽ عاشق چانڊيو جي اڳواڻي ۾ ڇنڊڻ پل تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ميهڙ فريدآباد روڊ بند ٿي ويو. هنن چيو ته بل وقت تي پياريا آهن، پر پو به لائين مين ڳوٺن جي بجليءَ ڪٽي ڇڏي آهي، جنهن ڪري تڪليف کي منهن ڏئي رهيا آهيون، بجليءَ نه هجڻ ڪري پيئڻ جي پاڻيءَ جي سخت کوٽ ٿي وئي آهي. هنن وفاقي وزير بجليءَ، سيپڪو چيف سکر کان مطالبو ڪيو ته متاثر ڳوٺن جي بجليءَ بحال ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button