اسلام آبادپاڪستان

ناراض ميمبرن جا جواب رد،ريفرنس داخل ڪرڻ جي باضابطا منظوري

اسلام آباد ؛وزيراعظم ناراض ميمبرن خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جي باضابطا منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آئي) چيو آهي ته ناراض قومي اسيمبلي ميمبرن کي وضاحت لاءِ ڏنل وقت ختم ٿي ويو آهي، جنهن کان پوءِ هاڻي سندن خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. وزيراعظم عمران خان ناراض ميمبرن جا جواب غير منطقي قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيا آهن. تحريڪ انصاف موجب وزيراعظم ناراض ميمبرن خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جي باضابطا منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ان حوالي سان تحريڪ انصاف جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار بابر اعواڻ ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري جنرل عامر ڪياني جي ملاقات ٿي آهي. بيان موجب وزيراعظم ۽ چيئرمين تحريڪ انصاف عمران خان جي هدايتن جي روشني ۾ باغي ميمبرن خلاف ريفرنس تيار ڪيا ويا آهن. باغي ميمبرن خلاف دستاويزي ثبوت به ريفرنس سان گڏ اماڻيا ويندا. بابر اعواڻ موجب وزيراعظم بي ضمير ميمبرن خلاف سخت قانوني ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي. دستور پارليامينٽ ميمبرن تي صداقت، امانت جي بنيادي شرط لاڳو ڪري ٿو. هارس ٽريڊنگ جي مرتڪب ميمبرن پارٽي سربراهه جي هدايتن تي عمل نه ڪيو. جنهن کان پوءِ باغي ميمبرن خلاف قانوني ڪارروائي تحت ريفرنسز جلد اسپيڪر ڏانهن اماڻيا ويندا.ياد رهي ته پارٽي پاليسي جي ڀڃڪڙي تي 13 قومي اسيمبلي ميمبرن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا هئا. رپورٽن موجب تحريڪ انصاف جي تقريبن 22 قومي اسيمبلي ميمبرن بي اعتمادي رٿ تي وزيراعظم عمران خان خلاف ووٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button