پاڪستانسنڌ

ماتلي ۾ صحافين تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف احتجاجي ڌرڻو

ماتلي: سنڌ جي صحافين تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف ماتلي ۾ مختلف سياسي، سماجي ۽ صحافتي تنظيمن پاران ريلي ڪڍي بس اسٽاپ چوڪ تي احتجاجي مظاھرو ڪري روڊ تي ڌرڻو ھنيو ويو. ريلي ڦلڪارا چوڪ کان نڪتي، جيڪا مختلف رستن تان ٿيندي پوليس خلاف نعريبازي ڪندي، بس اسٽاپ چوڪ تي حيدراباد-بدين روڊ تي پھتي، جتي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو. ڌرڻي سبب روڊ جي ٻنھي پاسن کان ٽريفڪ بيھي رھي ۽ مختلف شھرن ڏانهن ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

ان موقعي تي ايس ٽي پي جي اڳواڻ اسلم مھندو، ايس يو پي جي اڳواڻ ربڏنو چانگ، ڪيو اي ٽي جي اڳواڻ ڪيلاش مڪواڻو ۽ ٻين چيو ته ماتلي سميت سڄي سنڌ ۾ پوليس صحافين خلاف وٺ پڪڙ ڪندي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کين ھيسائٔڻ جي ڪوشش ڪري رھي آھي. هنن صحافي اشرف چانڊيو خلاف داخل ڪيس جي منصفانه جاچ ڪرائي ڪيس ختم ڪرڻ جي گھر ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button