
ڪراچي: هلندڙ سال سنڌ پوليس جا 6 ايس پيز رٽائرڊ ٿي ويندا، جن ۾ ايس پي ضيا محمد، عرفان زمان، غلام شبير ۽ ٻيا شامل آهن. جڏهن ته مختيار احمد خاصخيلي، محمد احمد بيگ ۽ جاويد اقبال به هلندڙ سال ئي رٽائرڊ ٿي ويندا، ڄاڻايل ايس پيز عمر 60 سال ٿيڻ تي رٽائرڊ ٿيندا، چيف سيڪريٽري طرفان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.