پاڪستانسنڌ

اسان جي سماج جو اهم مسئلو استحصال ڪرڻ آھي: مسوڀرڳڙي لڳ ليڪچر پروگرام

مسوڀرڳڙي: پورهيت مزاحمت تعلقه حيدرآباد ٻھراڙيءَ پاران “موجوده سماجي مسئلا ۽ نوجوانن جو ڪردار” تي ڳوٺ ڪريمداد ڇلگري ۾ ليڪچر پروگرام ٿيو. جنهن ۾ ڪامريڊ نثار لغاري نوجوانن کي ليڪچر ڏنو، ليڪچر کي خطاب ڪندي ڪامريڊ نثار چيو ته اسان جي سماج جو اهم ترين مسئلو بيروزگاري لاقانونيت معاشي سماجي استحصال آھي، اهي سڀ مسئلا حڪمران طبقن جا پيدا ڪيل آھن، جنهن جي ڪري سماج معاشي سماجي معاشرتي زوال جي انتهائن ۾ آھي.

هتي سياست کي به گار ڪيو ويو آھي ته جيئن نوجوانن کي انقلابي سياست کان پري رکي سگهجي، نوجوانن جي مسئلن جو حل انقلابي سياست ۾ آھي، پروگرام ۾ سائين رحمت الله سولنگي، پير بخش نوناري، امجد رند، امتياز ڇلگري، مير اعجاز ڇلگري، امجد بليدي، ڊاڪٽر نريش بيرم، امتياز نوناري، اياز سيال، علي رضا رند، فرحان جکرو، حميد عالماڻي، غلام عباس ڇلگري ۽ پورهيت مزاحمت يونٽ ناريجاڻي جي ساٿين شرڪت ڪئي. قربان عالماڻي اسٽيج سيڪريٽري جا طور ڪارروائي هلائي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button