اسلام آبادپاڪستان

حڪومت ۽ فوج کي ڌار ڏيکارڻ جي سازش ناڪام ٿيندي:فواد چوڌري

اسلام آباد: سڌ سما ۽ قانون واري وفاقي وزير چوڌري فواد چيو آهي ته جيڪي ماڻهو لکي رهيا آهن ته چيف آف آرمي اسٽاف جنگ جي مخالفت ڪري روس جي مخالفت ڪئي آهي. آئون انهن کي چوان ٿو ته وزيراعظم عمران خان ۽ صدر پيوٽن جي ملاقات کانپوءِ جو پڌرنامو ڏسي وٺو. ڪالهه پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته چيف اها ئي ڳالهه ڪئي آهي، جيڪا هن پڌرنامي ۾ آهي. حڪومت ۽ فوج کي جدا ڏيکارڻ جي سازش ناڪام ٿيندي. ٻئي طرف ڪابينا ڊويزن اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين کي قانون ۽ انصاف واري وزارت جي اضافي چارج ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ اطلاعات ۽ قانون واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين قانون ۽ انصاف واري وزارت جو اضافي عهدو سنڀالي ورتو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين قانون ۽ انصاف واري وزارت جو دورو ڪيو. قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سيڪريٽري ۽ وزارت جي ٻين عملدارن اطلاعات ۽ قانون واري وفاقي وزير جو وزارت اچڻ تي استقبال ڪيو. قانون واري وزارت جي سيڪريٽري وفاقي وزير کي وزارت جي معاملن جي حوالي سان بريفنگ ڏني. واضح رهي ته وزيراعظم عمران خان اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين کي قانون ۽ انصار واري وزارت جي اضافي چارج ڏني هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button