اسلام آبادپاڪستان

بي اعتمادي رٿ پيش ڪندڙ پارٽين کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي:شيخ رشيد

اسلام آباد : وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد اسٽيبلشمينٽ کان مداخلت ۽ بي اعتمادي رٿ پيش ڪندڙ سياسي جماعتن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. ڪالهه اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته آئين تحت بي اعتمادي رٿ جي ڪاميابي کانپوءِ به وزيراعظم عهدي تي رهندو. جيستائين نئون وزيراعظم حلف نٿو کڻي. ڏسون ته صدر وزيراعظم کي ڪيستائين ڪم جاري رکڻ جي هدايت ٿو ڪري. هن چيو ته 4 رستا آهن، هڪ وقت کان اڳ چونڊون ڪرايون وڃن، ٻيو بي اعتمادي پيش ڪندڙ سياسي جماعتن کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي، جيڪي پرڏيهي پئسي سان سازش ڪري رهيون آهن. ٽيون ته پي ٽي آءِ جا سڀ اسيمبلي ميمبر استعيفيٰ ڏئي ڇڏين، پوءِ ڏسون اهي ملڪ ڪيئن ٿا هلائين. آخري رستو اهو آهي ته ادارا ۽ اسٽيبلشمينٽ مداخلت ڪن. سندس چوڻ هو ته ملڪي سلامتي جو سوال پيدا ٿي ويو آهي، ويڙهه هاڻ پاڙن ۽ گهٽين تائين پهچي وئي آهي. ملڪ اهو برداشت نٿو ڪري سگهي، آصف زرداري کي مهيني جو ڀتو ايندو آهي. ڇا ادارن کي خبر ناهي ته آصف زرداري کي ڪير ڀتو پهچائيندو آهي؟ ڇا مقصود قاصد جهڙا ماڻهو هن ملڪ کي هلائيندا؟ هن چيو ته چور چئي رهيا آهن ته وزيراعظم جو نالو اي سي ايل ۾ وجھو. مخالف ڌر کي چوان ٿو ته اسان جو نالو سڀاڻي بدران اڄ اي سي ايل ۾ وجھو. اسان جا ڪهڙا لنڊن ۾ فليٽس آهن، اسان کي انهن چورن کي بي نقاب ڪرڻو آهي جن تي عدالتون فرد جرم ناهن لڳائي سگهيون. سمورا اشتهاري ۽ اندر ورلڊ جا ماڻهو پنهنجا ڪيس ڪرائي رهيا آهن. هن چيو ته ملڪ جي سياسي جنگ روڊن رستن تي اچي وئي آهي، مخالف ڌر عمران خان کي جيئرو ڪري ڇڏيو. عمران خان روئڻ شروع نه ڪيو، ڪجهه ڳوڙها خوشي جا به هوندا آهن. وزيراعظم عمران خان گهڻو مشهور ٿي ويو آهي. عمران خان سياسي جنگ وڙهندو. چوڪن، چوراهن ۽ بازارن ۾ سياسي جنگ وڙهندو، مان هن سان گڏ آهيان.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button